ميرپورخاص: مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل شخص جي وارثن جو احتجاج

وامي آواز رپورٽ
ميرپورخاص: مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل شخص جي وارثن جو احتجاج
وامي آواز رپورٽ ميرپورخاص: مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل شخص جي وارثن جو احتجاج

ميرپورخاص ۾ مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل شخص جي وارثن پاران لاش رکي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويو .

پوليس اسٽيشن شادي پلي  ۾ ھڪ ھفتو   اڳ گرفتار نوجوان ڪانڀو شر جو لاش ملڻ جي ٻن ڏينهن  کانپوءِ تدفين نه ٿي سگهي.

وارثن پاران مسلسل ٻئي  ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو ۽  فوتي ڪانڀو شر جو لاش ڊي آءِ جي آفس اڳيان رکي ڌرڻو  ھنيو ويو.

ان موقعي تي  پوليس جي اعلي عملدارن پاران شادي پلي پوليس جي ايس ايڇ او عزيز سھينڙو  سميت ٻين اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ  جي يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.