فروغ نسيم جو وڪالت جو لائسنس وري معطل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪائونسل قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جو لائسنس ٻيو ڀيرو معطل ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي پيروي لاءِ قانون واري وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي.

وزارت تان استعيفيٰ سبب پاڪستان بار ڪائونسل بئريسٽر فروغ نسيم جو لائسنس بحال ڪري ڇڏيو هو پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس وڪالت جو لائسنس معطل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي پڌرائيءَ موجب فروغ نسيم ٻيهر قانون واري وفاقي وزير طور قلمدان سنڀاليو آهي، جنهن سبب وري سندس لائسنس معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.