وزير اعظم اليڪشن ڪميشن ميمبرن جا نالا تجويز ڪري ڇڏيا…!

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن لاءِ 3-3 نالن جي تجويز ڏئي ڇڏي.

عمران خان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  اسد قيصر کي خط لکي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي تجويز ڏني.

ميڊيا کي مليل وزير اعظم جي خط جي ڪاپي موجب وزير اعظم سنڌ جي لاءِ جسٽس (ر) صادق ڀٽي، جسٽس (ر) نور الحق قريشي ۽ عبدالجبار قريشي جا نالا تجويز ڪيا.

بلوچستان جي وزير اعظم ڊاڪٽر فيض محمد ڪاڪڙ، مير نويد جان بلوچ ۽ امان الله بلوچ جا نالا تجويز ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.