پني عاقل ۾ جي يو آءِ ڪارڪن جي گهر کي چلهه مان باهه، سامان سڙي خاڪ

پنوعاقل (ت ر )پنوعاقل شھر ۾ جي يو آءِ جي ڪارڪن محمد اسماعيل شيخ جي گھر ۾ گئس جي چلھه مان باھ لڳڻ ڪري گھر ۾ پيل سامان سڙي رک  ٿي ويو، پاڙي واسين پھچي باھ وسائي ورتي ڪچھري روڊ تي مرغي فروش جو دڪان ۽ آڊر تي برياني پچائي ڏيندڙ اسماعيل شيخ جي گھر ۾ صبح جي چانھ ٺاھڻ دوران باھ لڳڻ ڪري گھر ۾ پيل فرج،مشينم،ڪپڙن جي سيف ۽ ٻيو گھرو سامان سڙي رک ٿي ويو.6

پيرڳوٺ ويجهو باهه متاثرن کي امدادي چيڪ ڏنا ويا

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ تڳيل سنديلو ۾ ڏيڍ مھينو اڳ اوچتو باھ لڳڻ سبب سڙي ويل  10 گهرن جي متاثرن کي ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي چيئرمين محمد علي وسطڙو پاران شمس الدين ڪلهوڙو، پرويز احمد، جان محمد، لياقت علي، خادم حسين، اويس احمد، ميرحسن ، ورند مل اوڏ ۽ سڪندر اوڏ کي امدادي چيڪ ڏنا ويا، چيڪ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي خدمت تي يقين رکي ٿي، اسين اڄ به پ پ جي ڏنل اٽي، لٽي ۽ اجھي واري نعري تي قائم آھيون، انشاءُ الله ڪنهن به متاثر کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا رئيس قربان علي چانڊيو، خالد حسين چانڊيو، محمد خان اوڍو، ذوالفقار علي ڪلال، غلام شبير لاکو، ضياءُ الدين ملاح، شفيق احمد کوسو ۽ ٻيا ڪيترائي موجود هئا.

قاضي احمد ويجهو ڊسپينسري تي جج جو ڇاپو، دوائون اڻلڀ

قاضي احمد (ن ع آ)قاضي احمد  جي ڪچي واري علائقي ۾ جج احمد علي گبول طوطي ڊسپينسري جو  دورو ڪيو ته ڊسينسري ۾ مٿي جي سور جي ٽڪي به ميسر نه هئي جڏهن ته لکن جي لاڳت سان زبردست عمارت ۽ سڄو اسٽاف موجود آهي، اسٽاف جو چوڻ کين ڊي ايس او آفس مان دوا ملي ئي نٿي. ان موقعي تي جج اسٽاف کي ڇنڊ پٽينڊي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف رهواسين جج احمد علي گبول آڏو دوا نه ملڻ جون هر هر دانهون ڪندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.