پني عاقل ڦاٽڪ لڳ ٽرين جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

پنوعاقل (ت ر )پنوعاقل شھر جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ  ٽرين جو ٽڪر لڳڻ ڪري 13 سالن جو نينگر فوت،  ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان ايڪسپريس جو ٽڪر لڳڻ ڪري گل مير ولد مرحوم نديم ملڪ عمر 13 سال موقعي تي فوت ٿي ويو،جنھن جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو،ھوڏانھون ٻالڪ جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ريلوي انتظاميان پاران ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڪنب ۾ راند ڪندي ٻارڙو گٽر ۾ ڪري پيو، بيهوشي حالت ۾ اسپتال داخل

ڪنب (ن ع آ) ڪنب ويجهو ٽائون ڪاميٽي فقير آباد جي ڳوٺ ولي محمد ڀٽي ۾ شادي ۾  مهمان ٿي آيل ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ حسين آباد واسي  چانڊو مل مينگهواڙ جو چارسالا معصوم پٽ راند کيڏندي گٽر ۾ ڪري پيو جنهن کي ڳوٺاڻن وڏي ڪوشش بعد بيهوشي واري حالت ڪڍي ڪنب جي مقامي اسپتال نيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.