وزيراعظم پاڪستان جو پروگرام ” احساس“

راجا ڪامران

موجوده حڪومت هن سال مارچ ۾ ” احساس“ پروگرام جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ برابريءَ وارو سماج قائم ڪرڻ آهي، انهيءَ پروگرام جو مقصد پنهنجن ماڻهن تي سرمائيڪاري ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويل ضلعن کي ترقي يافته ضلعن جي برابر آڻڻ آهي. انهيءَ پروگرام ذريعي پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بنائڻو آهي ۽ غريبن کي ان لائق بنائڻو آهي ته هو به ايڪويهين صديءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي نئين دور لاءِ تيار ڪري سگهن ۽ جديد زندگيءَ جو حصو ٿي سگهن.

” احساس“ پرگرام کي هڪ جامع انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن جا چار بنيادي نقطا آهن ۽ پاليسيءَ جا 115 نقطا آهن. انهن چئن بنيادي نقطن مان هڪ نقطي تحت مساوات ۽ برابري قائم ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستاني عوام کي ڳوٺن جي وڏيراشاهي ۽ شهر جي اشرافيه کان نجات ڏياري سموري سماج کي فعال بڻائي سگهجي. ٻئي نقطي تحت هڪ اهڙُو سيفٽي نيٽ ورڪ جوڙڻو آهي جنهن ذريعي ملڪ جي پوئتي پيل عوام کي سهڪار فراهم ڪري سگهجي، پروگرام جي ٽئين نقطي تحت ملازمت يا معاشي حوالي سان سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي، ڇوٿون نقطو انتهائي اهم آهي جنهن تحت مجموعي طور تي انساني سماج کي ترقي فراهم ڪرڻي آهي.

وزيراعظم جي احساس پروگرام تحت عوام کي معاشي طور تي خودمختيار ۽ آزاد بڻايو ويندو ۽ انهن کي مالي وسيلن تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي، اسان جيڪڏهن انگن اکرن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ملڪ جو 66- سيڪڙو عوام انتهائي غريبيءَ واري حالت ۾ زندگي گذراي رهيو آهي ۽ ان جي سرمائي تائين رسائي بلڪل ممڪن نه آهي، بدنصيبيءَ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ انگ ۾ 57- سيڪڙو عورتون شامل آهن. پاڪستان ۾ رڳو 2- ڪروڙ 70 لک ماڻهو رسمي سيڪٽر تائين پهچ رکن ٿا، جڏهن ته ماڻهن جو وڏو انگ مزدوريءَ جي ڪرت ڪري ٿو جن لاءِ ڪي به قانون نه آهن، عوام جي اهڙي حصي ۾ گهريلو طور تي ملازمت ڪندڙ عورتن جو هڪ وڏو انگ شامل آهي.

احساس پروگرام تحت وفاقي ۽ صوبائي قيادتون گڏجي ڪري ڪم ڪنديون ۽ ان پروگرام لاءِ خانگي شعبي کان پڻ مدد ورتي ويندي، انهيءَ پروگرام تحت ادارن کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ان کان علاوه ان پروگرام کي شفاف ۽ گڊ گورننس جو هڪ بهتر مثال بڻايو ويندو.

احساس پروگرام ۾ معاشي سرگرمين ۾ عوام کي شامل ڪرڻ لاءِ ٽن رخن تحت حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، پروگرام ۾ ڪيترن ئي شعبن جي گڏپ کي يقيني بڻايو ويندو، معاشي خدمتن کي هر شخص خاص ڪري معذورن، غريبن ۽ ڳوٺاڻن علائقن تائين پهچايو ويندو . پروگرام تحت معاشي سرگرمين کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ذميواراڻو انداز اختيار ڪيو ويندو ته جيئن عوام معاشي سرگرمين ۾ بهتر نموني شامل ٿي سگهي. ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سستين شين ۽ معاشي خدمتن تائين سندن پهچ ممڪن بڻائي ويندي جڏهن ته پوئتي پيل علائقن جي عوام لاءِ معاشي خدمتن جي فراهمي، بچت اڪائونٽ، قرضن جي ادائگي، انشورنس ۽ سرمائيڪاري متعلق ڳالهيون شامل آهن. ان کان سواءِ معاشي شين تائين پهچ ۽ تحفظ، عوام جي فيصلي ۽ خودمختياريءَ کي يقيني بنائڻ ته جيئن عوام پنهنجي معاشي حقن کان واقف ٿئي ۽ معاشي جبر مان نجات حاصل ڪري سگهي. احساس پروگرام تحت عورتن جي ترقيءَ لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويندو ته جيئن مجوعي طور تي غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري سگهجي.

احساس پروگرام تحت عورتن جي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ عورتن لاءِ مقرر ڪيل وظيفو سندن اڪائونٽ ۾ موڪليو ويندو، اهڙا اڪائونٽ اڳ واٽ ئي تصديق ٿيل هوندا ۽ اڪائونٽ ۽ وظيفي جي حاصلات وظيفو وٺندڙ جي اختيار ۾ هوندي ۽ سمورين عورتن کي وظيفي، ادائگيءَ جي وقت ۽ طريقه ڪار کان آگاه ڪيو ويندو ته جيئن اهي موبائل فون، اي ٽي ايم يا برانچ ليس بينڪاري استعمال ڪري سگهن. احساس پروگرام تحت عورتن کي محفوظ بينڪاريءَ جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. احساس پروگرام تحت ملڪ ۾ مساوات قائم ڪئي ويندي ته جيئن غريب ۽ امير طبقي وچ ۾ فرق ختم ٿي سگهي، حڪومت جي اهڙي ڪوشش کي عملي روپ ڏيارڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال انهيءَ پروگرام کي روايتي حڪومتي منصوبن کان الڳ ۽ منفرد بڻائي ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.