ڳاٽي ٽوڙ اضافي بعد تيل اگهه 25 پئسا گهٽا ئڻ جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ ) اوگرا پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافن کانپوءِ معمولي سستو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي  طرفان پيٽروليم اِسمن جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سمري پيٽروليم وزارت ڏانهن اُماڻي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 2رُپيا 40 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن ۾ رڳو 25 پئسا گهٽتائي جي تجويز آهي. ذريعن موجب اوگرا جي سمري ۾ لائيٽ ڊيزل 2 رُپيا 90 پئسا ۽ گاسليٽ 83 پئسا سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي ايمت 113 رُپيا 99 پئسا في لِٽر ٿي ويندي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 125 رُپيا هڪ پئسو ۽ لائيٽ ڊيزل 82 رُپيا 43 رُپيا في لِٽر ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.