ناصر شاهه وٽ 2012 ع ۾ اقامو هو، عدالت کي آگاهي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾پ پ جي اڳواڻن فريال ٽالپور،ناصرشاهه ۽ منظوروساڻ سميت ٻين  خلاف اقامن واري ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي ناصر شاهه جي وڪيل کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه جي وڪيل بيرسٽرضمير گهمري چيو ته 2012ع ۾ ناصر شاهه وٽ اقامو هو، پر هن ختم ڪري ڇڏيو هو .هي درخواست ٻڌڻ جي قابل نه آهي .ڪنهن به پارليمنٽ جي ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار اسپيڪر وٽ هوندو آهي .عدالت ان ڳالهه تي جواب ڏنو ته پوءِ سپريم ڪورٽ به نوازشريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي .جنهن ته ناصر شاهه جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ اعليٰ عدالت آهي پر هاءِڪورٽ کي اختيار نه آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.