ٻارهين مئي جا روپوش جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي عدالت کي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12مئي سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي آهي .عدالت جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي روپوش جوابدارن کي 20 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .روپوش جوابدارن ۾ عبدالباري ڪاڪڙ،حبيب الله .مشتاق ۽ وڪيل خان شامل آهن .12مئي جا 11ڪيس آهن جنهن ۾ ڪراچي جي مئير وسيم اختر سميت ٻيا ضمانت تي آهن.چئن ڪيس ۾ تهمت لاڳو ٿي چڪي آهي .14جوابدار اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.