عدالتي اسٽي باوجود بشير ميمڻ بدلي، واجد ضياءَ ڊي جي ايف آءِ اي مقرر

اسلام آباد (م ڊ ) وفاقي سرڪار پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سربراهه واجد ضياءَ کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان 21 هين گريڊ جي آفيسر واجد ضياءِ کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو نوازشريف خلاف پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جو سربراهه هو. واجد ضياءِ آءِ جي ريلوي جون به ذميواريون نڀائي چڪو آهي. هوڏانهن تازو 22 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ مشتاق مهر کي آءِ جي ريلويز مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ جي ريلويز بشير ميمڻ کي هٽائي کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.