سهائي ابڙو جي رقص مان وڄندڙ سنڌ جا گِهنڊَ:ثريا مخدوم

سهائي ابڙو جي رقص جو خوبصورت پروگرام ڏسڻ جو موقعو مليو، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ سهائي ابڙو جي رقص جو پروگرام ٿيو جنهن جو جو سرو ” اڃان به قائم“ جي نالي هو جيڪو سهائي جي پنهنجي زندگيءَ جي حوالي سان ئي هيو، جنهن ۾اسان جي سيڪيولر سماج کي شاعريءَ، رقص، راڳ ۽ موسيقيءَ ذريعي پيش ڪرڻ جي اها هڪ انتهائي شاندار ڪوشش هُئي.
پروگرام جي اها ڳالهه انتهائي بهترين هُئي ته پروگرام پنهنجي وقت تي شروع ٿيو ۽ وقت تي ئي پڄاڻيءَ تي پهتو، جيڪو عام طور تي گهٽ نظر ايندو آهي، پروگرام جي شروع ۾ مهمانن جو انگ گهٽ ئي هيو پر پوءِ جيئن جئين پروگرام هلندو رهيو. تيئن تيئن سموريون ڪرسيون ڀرجنديون ويون.
سهائي پنهنجي پروگرام جي شروعات پنهنجي متعلق مختصر تعارف سان شروع ڪئي، جيڪو سندس فني زندگي ۽ ان بعد شادي ڪري اٽليءَ وڃڻ واري سفر تي هيو، سهائيءَ جو ور هڪ اٽالين آهي. هن پنهنجي پروگرام ۽ ان جي فارميٽ جو تعارف ڪرايو ۽ پنهنجي ڊانس بابت معلومات جي ڪمينٽري سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪئي آهي. هن چيو ته اردو ۾ ان ڪري ڪمينٽري نه ڪئي آهي، جو هڪ ئي وقت ٽن ٻولين ۾ تعارف ٻڌائڻ سندس لاءِ ڪافي مشڪل هو.
هوءَ رقص ڪندي رهي ۽ پنهنجي متعلق پنهنجي فني سفر ۽ پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيندي رهي، هڪ وقت سندس ماءُ جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيو. سهائيءَ جي ماءُ (ناليواري شاعره عطيه دائود) جو تعلق اسان جي ڳوٺ درٻيلو ضلعو نوشهرو فيروزکان ٽي ڪلو ميٽر پري لاڙڪن جي ڳوٺ سان آهي، ان کي ان وقت جون يادگيريون اڃان ياد آهن جڏهن هوءَ پنهنجي خاندان جي ٻين عورتن سان گڏ اسان جي حويليءَ ۾ ايندي هُئي، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات به انهن ئي ڏينهن ۾ ٿي هُئي، هُن پنهنجيون اهڙيون سموريون ساروڻيون پنهنجي آتم ڪٿا ” آئيني جي سامهون“ ۾ لکيون آهن، جيڪو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي.
پروگرام جو هڪ ٻيو ۽ اهم اسم اهو به هيو ته سهائيءَ ڪورس جي انداز ۾ سنڌ جي سيڪيولر ڪلچر، شاعري ۽ آرٽ کي سواءِ ڪنهن مذهبي متڀيد جي بيان ڪيو. سندس پيغام جو مقصد اهو ئي هو ته اسان جي صوفين، ساڌن، ڀڳتن ۽ شاعرن پوءِ انهن ۾ مرد هجن يا عورتون انهن مان هر هڪ جيڪو به پيغام ڏنو آهي اهو پيار ۽ سهپ جو ئي پيغام آهي.
پروگرام جي هڪ اسم ۾ هڪ هنڌ مسجد مان ٻانگ جو آواز اچي ٿو ته ان ئي وقت وري هڪ مندر مان گهنڊڙين جا آواز گونجن ٿا، جيڪا سنڌ جي حقيقي تصوير آهي. سنڌ جي شهر ٽنڊو آدم خان ۾ هڪ سنڌي ساڌو ۽ سنت اڏيرو لال جو مزار آهي جتي هڪ ئي وقت هندو ۽ مسلمان عبادت ڪندا آهن، هندو زيارتي ايندا آهن ته مزار جون گهنڊڙيون وڄائيندا آهن ۽ جڏهن مسلمانن جي نماز جو وقت ٿيندو آهي ته اهي ٻانگ ڏئي نماز پڙهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته مسلمانن جي ٻانگ ۽ هندن جي وڄايل گهنڊ جو آواز هڪ ئي وقت ايندو آهي.
مون کي اهڙو منظر تڏهن ڏسڻ ۾ آيو جڏهن مان ڪجهه وقت اتي گهمڻ وئي هيس، مون ان موقعي تي موجود هندو ۽ مسلمانن کان پڇيو ته اڏيرو لال ڪير هيو؟ ، ڇا هو هڪ هندو هو يا مسلمان هيو، ڇو جو اڏيرو لال ٻين انيڪ سنڌي نالن وانگر هڪ سنڌي نالو ئي آهي جنهن مان هندو يا مسلمان جي سڃاڻپ نه ٿي ٿئي، موقعي تي موجود هر ماڻهوءَ جو اهو ئي چوڻ هو ته انهن کي کي ڪابه خبر ناهي ۽ اهو اهو معلوم به ڪرڻ نه ٿا چاهين.
سهائيءَ جي پروگرام ۾ ” ڌمال“ پڻ شامل هُئي جيڪا سنڌ جي سيڪيولر مزاج پٽاندڙ هُئي سهائيءَ ” مست مست“ جي ڌن تي رقص ڪيو. ان موقعي تي شاهه عبداالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي ڪير ڪيئن ٿو وساري سگهي ، سهائيءَ شاه سائين جي ڪلام تي پڻ شاندار نموني رقص ڪيو. پروگرام ۾ شاهه صاحب جي ڪلامن مان هڪ منهنجي پسند جو ڪلام پڻ فقيرن پڻ ڳايو، ڪلام مڪمل طور تي ڳايو ويو جنهن تي سهائيءَ ڀرپور نموني رقص ڪيو، سهائيءَ جو اهڙو رقص پڪ سان ڪنهن الڳ دنيا جو ديدار ڪرائي رهيو هو.
سهائيءَ پنهنجي شاندار، يادگار۽ دل کي ڇهندڙ پرفارمنس ذريعي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته رقص واقعي ئي پنهنجي اندر جي اظهار جو انتهائي موثر ذريعو آهي. سهائيءَ پنهنجي رقص ذريعي اهو به ثابت ڪري ڇڏيو ته رقص ذريعي پنهنجي اندر جي اڌمن سميت ٻي ڪنهن جي اندر جي احساسن، جذبن، کل خوشي ۽ ڏک جو پڻ موثر نموني اظهار ڪري سگهجي ٿو، اهڙي نموني رقص ذريعي سموري سماج جي ترجماني پڻ ڪري سگهجي ٿي.
پروگرام ۾ ٻين کان علاوه عطيا دائود ۽ خدا بخش ابڙو پڻ شرڪت ڪئي جيڪي سهائيءَ جا والدين آهن، جڏهن ته نيل ڪنٿ جيڪو ڪامريڊ روچي رام جو پُٽ ُ آهي ۽ ان جي گهر واري مايا، مس شين فرخ، مس انيس هارون، ڊاڪٽر ياسمين ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز مهمانن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن پڻ شرڪت ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.