سنڌي ثقافت کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟:رپورٽ: صدام ساگر

حفيظ ڪنڀر /ڪهاڻيڪار
ثقافت جو ڏهاڙو رڳو ناچ گانو ناهي، هن ڏينهن تي ثقافت بابت نوان ٽرينڊز متعارف ڪرائڻ گهرجن، جديد ڪلچر متعلق آگاهي ڏيڻ گهرجي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن بابت شعور ڏيڻ گهرجي. ثقافت ۾ گهڙي آيل خرابين جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي تمدن بابت نئين نسل کي نصاب وسيلي آگاهي ڏئي بين الاقوامي ڪلچر ۾ ضم ٿيڻ پڻ ترغيب ۽ ترتيب ڏيڻ گهرجي. سنڌي ماڻهو بين الاقوامي شهري ٿي دنيا جي ثقافتن جو سفير به ٿي سگهي ٿو.
زوهيب زرداري/ سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن
اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو اِهي ثقافت جا اهڃاڻ آهن پر ثقافت اسان جي روين سان ڳنڍيل هوندي آهي. سنڌ جي ثقافت آڳاٽي هجڻ ڪري سڀني تهذيبن جي ماءُ آهي، تنهن ڪري اسان سنڌي ان تهذيب جا وارث آهيون، پنهنجي ڪردار، صوفي مزاجيت، رواداري، سهپ، مهمان نوازي، نياز ۽ نوڙت سميت سڀني ڳڻن ۾ ڳوهجي هلڻو پوندو ڇاڪاڻ ته رڳو ٽوپي اجرڪ پائي ثقافت نٿي بچائي سگهجي. اسان سنڌين کي سڀني تهذيبن جي سرواڻي ڪرڻي آهي ته پنهنجي ثقافتي قدرن ۽ تهذيبي ڳڻن سان همڪنار ٿي دنيا سان گڏ گڏ هلڻو پوندو.
رام اوڏ/ليکڪ
منهنجي خيال ۾ ثقافت مڪمل طور تي سٺي ۽ خراب نه ٿيندي آهي. اُن جا عنصر روشن خيال ۽ ترقي پسند هوندا آهن، ته دقيانوسي ۽ رجعت پسند به هوندا آهن. تاريخ جي اوسر سان ڪلچر بدلجندو رهي ٿو. ڌرتي جي اصلوڪي ترقي پسند ۽ روشن خيال ثقافت ڌارين رجعت پسند ثقافت خلاف قوت هوندي آهي. اصلوڪو ڪلچر ٻاهرين يا سامراجي غلبي ۽ قبضاگيري خلاف سگهه هوندو آهي، ڇو ته اهو ڪلچر وجود جي بقا ۽ ارتقا سان لاڳاپيل هجي ٿو. سامراجي ثقافتي غلبو اصلوڪي ڪلچر جي نفي ڪندي ان جي اهم جزن کي مفلوج ڪندو آهي. تغير پذير سرمايه داري ثقافت کي مارڪيٽائز ڪندي آهي. ٽرانس_نيشنل ڪمپنيز ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پوئتي پيل ملڪن ۽ معاشرن جي ثقافت کي صفا پوئتي ڌڪي سرمايه داراڻي هڪ هٽي واري کپت جي نظريي جي ترويج ڪئي وئي آهي.
ثقافت عوام جي عام زندگي ۽ جذبن سان لاڳاپيل هجي ٿو، ان ڪري حڪمران طبقو يا سامراج ڪلچر جو سهارو وٺندو آهي، ان ڪري ڪلچر ذريعي اقتدار گهلي ۽ وڌائي سگهجي ٿو. ماڻهو جڏهن پنهنجي ثقافت کان ڪٽجي ويندا آهن ته ويڳاڻا ٿي ويندا آهن. ثقافتي تفريق ۽ بنياد پرستي کان بچڻ لاءِ ان جي عقلي ۽ روشن خيال پاسن جي ترويج ڪجي.
نثار احمد چانڊيو/ليڪچرار بين الاقوامي تعلقات
جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي ثقافت کي بچائڻ ۽ اُن کي اڳين نسلن تائين منتقل ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ ان کي ڪجهه شين کي ڌيان ڏيڻو پوندو. پهرين پنهنجي ٻوليءَ کي سکڻ ۽ ڳالهائڻ ۽ ان جي نوجوان نسل کي سيکارڻ، ڪنهن به قوم لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۽ نوجوان نسل کي سيکارڻ انهي سان ڪا به تهذيب ۽ ثقافت محفوظ رکي سگهجي ٿي، ٻيو ته ادب ڪنهن به تهذيب ۽ ثقافت لاءِ هڪ محافظ جو ڪردار ادا ڪندو آهي، ڇو جو ادب جي ذريعي ئي ڪا به قوم پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجي تهذيب بابت باخبر رکي سگهي ٿي، جيئن ڪنهن جي ماضي جي جوڌن ۽ واقعن کي ڪتابن ذريعي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ سان ڪا قوم پنهنجي تهذيب ۽تمدن کي بچائي سگهي ٿي ۽ اُن سان گڏوگڏ ثقافتي ڏهاڙن کي ملهائڻ سان به تهذيب ۽ ثقافت کي بچائي سگهجي ٿو ۽ اهڙي ريت اسان پنهنجي قديم تاريخ ۽ ثقافت کي بچائي سگهون ٿا.
ابراهيم ٻرڙو
ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن
انگريزن جي وڃڻ وقت سنڌ جي ثقافت خاص ڪري ٻولي اُسريل هئي ۽ سنڌ جي شهري علائقن ڪراچي حيدرآباد کان ويندي سکر تائين ان وقت جي سنڌي ثقافت، سهپ، مختلف مذهبن توڙي عقيدن جا ماڻهو اڪثريتي طور هڪٻئي لاءِ سهپ جي رنگ ۾ رڱيل هئا. ورهاڱي کانپوءِ نئين رياست سنڌ جي سڃاڻپ ميسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. ون يونٽ هجي يا سنڌي ٻولي جي تعليمي ادارن مان نيڪالي پر سنڌ جي اڳواڻن حيدر بخش جتوئي کان ويندي جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نه صرف سنڌي سڃاڻپ، ثقافت ۽ بقا جي جنگ وڙهي پر وڏا ڇال به ڏنا. اڄ جي واهپي واري دور ۾ سنڌي ثقافت کي مڊل ڪلاسي سوچ مان وڌيڪ خطرو جيڪو پنهنجي ٻولي بدران بازار جي ٻولي کي اهميت ٿو ڏئي. ثقافت ۽ سڃاڻپ جي وڏي ڍال ٻولي هوندي آهي. ثقافتي گڏجاڻيون سٺي ڳالهه آهي پر سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جي ڪوشش وٺڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي حيدرآباد کان ويندي سکر تائين نئين نسل کي شروع ۾ ئي انگريزي مڙهي وڃي ٿي جنهن سان سندن ذهن مڏا ٿين ٿا. ثقافت بچائڻ لاءِ ٻارن کي شروع ۾ مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي. ان ۾ سنڌ جي سياسي تنظيمن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ماضي ۾ جيئن تنظيمن ادارن جهڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻولي ثقافت کي جيئارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، هاڻي به اهڙين ڪوششن جي ضرورت آهي گڏوگڏ پورهيتن هارين شاگردن عورتن ۾ جدوجهد ڪرڻ سان ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو، حڪومت به تڏهن ڪجهه ڪندي جڏهن سياسي سماجي سطح تي انهن مطالبن لاءِ تحرڪ هوندو.
لطيف ابراهيم
ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن
ثقافت رڳو ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو اوڍڻ ناهي، علمي ادبي مباحثا، رواداري، تخليق ۽ قابليت پڻ ثقافت آهي. اسان علم کي ڇڏي ٽوپي اجرڪ جي پويان پئجي ويا آهيون، اسان جا اسڪول بند آهن، سموري نظام ۾ مهانگائي سبب تعليم پرائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. بهتر آهي ته پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ اسان کي اوڍڻ سان گڏ علم، رواداري، ڏاهپ وارو ڪلچر بچائڻو پوندو، جيڪو انتهائي ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.