ٽوئيٽر ۾ وڏي تبديلي اچي وئي..!

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن ۽ مائڪرو بلاگنگ جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر واهپيدارن کي نئين سهولت فراهم ڪري ڇڏي جنهن تحت هاڻ واهپيدار اڻ لاڳاپيل ڪمينٽس لڪائي سگھندا.

ٽوئيٽر طرفان نئين پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، انتظاميا موجب هاڻ ڪو به واهپيدار پنهنجي ٽائيم لائين تي ايندڙ اڻ وڻندڙ جواب لڪائي سگھي ٿو. ٽوئيٽر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ انتظاميا جو چوڻ هو ته ٽوئيٽر واهپيدارن کي بهتر ۽ سٺو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ان طرز جا قدم مستقبل ۾ به کنيا ويندا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:توهين مذهب ۽ پورنوگرافي بابت اڪائونٽ معطل ڪيا وڃن پي ٽي اي…

پروڊڪٽ مئنيجمينٽ جي سربراهه سوزاني زي چيو ته ”اسان جي مشاهدي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گھڻا واهپيدار اڻ وڻندڙ ڪمينٽس ڪندا آهن ۽ اها شيءِ واهپيدارن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي هئي.

ڪمپني جو چوڻ هو ته هاڻ واهپيدار محفوظ ۽ آزاد ماحول ۾ ٽوئيٽر استعمال ڪري سگھندا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:گوگل ۽ فيس بُڪ انساني حقن لاءِ خطرو قرار

ٽوئيٽر موجب واپيدار جن جوابن کي هائيڊ ڪندو انهن کي سرمئي رنگ ڏنو ويندو، هڪ آءِ ڊي جي لاڳيتو شڪايت ٿيڻ تي انتظاميا طرفان ڪجهه پابنديون به لڳايون وينديون. سوازني زي جو چوڻ هو ته واهپيدارن کي اختيار ڏيڻ جو مقصد ٽوئيٽر تي هاڪاري ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏيڻ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.