هاڻ جيئڻ جو حق ته نه کسيو.!!

امتياز چانڊيو

غريب ماڻهو جيئي ته آخر ڪيئن جيئي، اهو سوال هن وقت هر ماڻهو جي وات تي آ. ها واقعي اهڙي دور جنهن ۾ انسان کي هر پاسي کان سوڙهو ڪيو ويو هجي، جيئڻ جا گس تنگ ڪيا ويا هجن، وقت جي حڪمرانن پاران ماڻهن مٿان ظالماڻه فيصلا مڙهيا ويا هجن، مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي، غربت واڪا ڪري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ ڪئي وئي هجي ته اهو سوال هر ماڻهو جي وات تي ضرور ايندو ته “غريب ماڻهو جيئي ته آخر ڪيئن جيئي”. اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ تيزيءَ سان کاڌي پيتي جي وڌندڙ شين جي قيمتن ۽ حڪومت جي نون نون نالن سان لڳايل ٽيڪسن سبب عوام تمام گهڻو پريشان آهي، خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي آڻين ۽ چاڙهين وارا آهن، اهي ته ٻه ويلا پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ به سخت پريشان آهن، هر روز مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ قيمتن ماڻهن جي وات تان گرهه کسي ورتو آهي.

غريب

معمول مطابق جڏهن سبزي وٺڻ لاءِ دڪان تي ويس ته پريشان ٿي ويس، سبزين جي قيمت ٻڌي، سچ ته ائين لڳو ڄڻ سبزي کي ته پر لڳي ويا هجن ۽ اهي مسڪين ماڻهن جي پهچ کان مٿي ٿي ويون هجن، مزدور ماڻهو سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪري ڪمائي اچي 500 ۽ وري رڳو ٽماٽن جي قيمت هجي ته 300 روپيا ته، مزدور اهڙي قيمت ٻڌندي ئي في الحال اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته ڇا کيس هاڻ سبزي به نه کائڻ گهرجي، بصر ۽ پٽاٽو ئي 100 روپيا في ڪلو ٿو ملي، مڇي 500 روپيا ۽ مرغي 300 ڪلو کان هيٺ لهي ئي نٿي، اهڙي صورتحال جو ذميوار آخر ڪير آهي، ان جو ڪو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پرائيز ڪنٽرول وارا ادارا به اڄڪلهه خاموش ٿي ويهي رهيا آهن.

غريب

بهرحال آئون ته ان سڄي بحران جو ذميوار انهن ادارن کي سمجهان ٿو، جن سنڌ جي زراعت سان وڏا ويڌن ڪيا آهن، جڏهن سنڌ ۾ ڀاڄيون زمينن ۾ تيار ٿين ٿيون ته ان وقت ٽڪي ڌڙي ڪئي وڃي ٿي، اڄ 300 روپيا في ڪلو وڪامجندڙ ٽماٽي سان ان وقت اهڙو ته حشر ٿئي ٿو جو ان جو آئون اکين ڏٺو شاهد پاڻ ئي آهيان، هن وقت ته ٽماٽي جي قيمت تي سڄي سنڌ ۾ رڙيون آهن، پر مون ڏٺو جڏهن بدين ۾ ٽماٽي جو فصل تيار ٿيو ۽ مارڪيٽ ۾ پهتو ته ٽماٽي جي قيمت 10 روپيا في ڪلو ٿي وئي، وڏي خرچ کان پوءِ تيار ٿيل ٽماٽي جا آبادگار سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا ۽ بدين کان حيدرآباد ايندي آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن لڳ زمينن ۾ ٽماٽي جو فصل ڍڳين کي کارايو پئي ويو، آبادگارن جو چوڻ هو ته کين ٽماٽي جي پٽائيءَ جيترا به پيسا نٿا ملن، تنهن ڪري سٺو آهي ته مالوندن جي حوالي ڪري ٽماٽا ڀيلايا وڃن ته جيئن زمين خالي ٿئي ۽ ان ۾ ڪو ٻيو فصل لڳائي سگهجي، وري جڏهن سنڌ جي زمينن مان ٽماٽو ختم ٿئي ٿو ته ان جي قيمت کي ايترو مٿي چاڙهيو وڃي ٿو جو ٽماٽي جو نالو وٺڻ به مهانگو پئجي ٿو وڃي، زراعت دشمن ڌريون ئي سنڌ ۾ ڀاڄين جي وڌندڙ قيمتن جون ذميوار آهن.

غريب

ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ جا آبادگار، هاري ۽ کيت مزدور دانهون ڪندا پيا اچن ته فصلن جي قيمت صحيح نٿي ملي، ڪو به فصل پوکڻ تان سندن ارواهه وڄندو پيو وڃي، زراعت فائدي بجاءِ هاڻ کين نقصان ڏئي رهي آهي، زراعت وارو شعبو تمام گهڻو خرچ ۽ تمام گهڻي محنت گهري ٿو، پاڻي، ٻج، ڀاڻ پورو ڪرڻ لاءِ وڏي رقم خرچ ٿئي ٿي، کين صحيح اگهه ملڻ کپي، پر حڪومت انهن ڏانهن ڌيان نٿي ٿئي، تنهن ڪري زراعت گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ سبزين ۽ اناج جي وڌندڙ قيمتن عام ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، زمينن مان فصل ختم ٿيڻ کان پوءِ منافعي خور فائدو وٺن ٿا ۽ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ قيمت تي ڀاڄيون وڪرو ڪري اهي ماڻهو فائدو حاصل ڪن ٿا، جنهن جو سڌو بار غريب ماڻهن جي مٿان پوي ٿو ۽ مزدور، هاري ۽ بي پهچ ماڻهو سخت پريشانيءَ واري صورتحال ۾ اچي وڃي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائي زراعت جي واڌاري ۽ سڌاري سان ئي وافر مقدار ۾ اناج ۽ سبزيون پيدا ٿينديون، جيڪي مارڪيٽ ۾ مناسب اگهه تي عام ماڻهن کي ڏئي سگهبيون، پر جيڪڏهن شين جي کوٽ رهندي ته ائين ئي قيمت وڌندي رهندي، جنهن سان عام ماڻهو پيو پيسبو رهندو، منافعي خورن کي فائدو ڏيڻ بجاءِ هارين ۽ آبادگارن کي فائدو ڏيڻ سان ئي زرعي شعبي ۾ سڌارو اچي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.