نواز شريف سان ڪو به سوشل تعلق ناهي..! چوڌري نثار جون ميڊيا سان ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته نواز شريف سان ڪو به سوشل تعلق ناهي جو عيادت ڪيان، ڌرڻي سان ملڪ بند گهٽي ۾ پيو وڃي، ڌرڻو ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مفاد ۾ ڪونهي.

تفصيل موجب اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان روات ڪلرسيدان روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف سان ڪو به سوشل تعلق ناهي جو عيادت ڪيان، مون هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي.

چوڌري نثار احمد خان جو چوڻ هو ته ڌرڻو هڻندڙ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن، عمران جي ڌرڻي جي مخالف ڪندڙ ڪهڙي منهن سان حمايت پيا ڪن، ڌرڻن سان ملڪ بند گهٽي ۾ پيو وڃي، عوام کي ريليف ملڻ گهرجي، ڌرڻو ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو هو ته اڻ وڻندڙ حڪومت کي به جٿن جي ذريعي ڪيرائڻ مناسب ناهي، ان وقت به چيو هو ته ڌرڻن سان حڪومت تبديل ڪرڻ غلط روايت هوندي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڌرڻو هڪ ڀيرو لڳي وڃي ته پوءِ انهن کي اٿارڻ ڏکيو هوندو آهي، اسان جو ملڪ گهڻن ئي سيڪيورٽي جي ايشوز کي منهن پيو ڏئي، اهڙي صورتحال ۾ اهڙا احتجاج سيڪيورٽي جي لاءِ خدشا پيدا ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.