پرڏيهي کاتي جو بابري مسجد بابت فيصلي تي رد عمل…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي ڀارتي سپريم ڪورٽ طرفان بابري مسجد جي جاءِ تي مندر جي اڏاوت جي حق ۾ ڏنل فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تاريخي مسجد جو فيصلو انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تاريخي بابري مسجد جي حوالي سان فيصلي تي اسان کي گهري ڳڻتي آهي، فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر انصاف جا تقاضا برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.

هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن تازو ئي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت انساني حقن جي درخواست تي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي جواب طرفان ڌيان ڏياريو هو ته هي سستتي جو شڪار آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي بيان جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هي فيصلو ان وقت آيو جڏهن ان تي عملدرآمد ٿي چڪو هو ۽ هي فيصلو ڀارتي اقليتن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ اڻڪافي آهي.

ڊاڪٽر محمد فيصل بابري مسجد جي فيصلي تي چيو ته ان فيصلي ڀارت جي نالي ماتر سيڪيولر ڀرم کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ۾ اقليتون وڌيڪ محفوظ ناهن، هو پنهنجي عبادتن جي ماڳن جي حوالي سان خوف جو شڪار آهن.

هن چيو ته ڀارت ۾ هندوتوا جي نظرين تي عمل ڪندي هڪ هندو راشٽرا جي شڪل ۾ تاريخ کي نئين سر سان رقم ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ هي ڀارت جي مرڪزي ادارن کي تيزي سان متاثر ڪري رهيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻو پوندو: ڊاڪٽر محمد فيصل

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسند سوچ جي بنياد هندو بالاتري ۽ خروج تي آهي جنهن سان خطي جي امن ۽ مضبوطي کي خطرو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت کي مسلمانن، انهن جي جانين، حقن ۽ ملڪيتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر متعصب ۽ انتهاپسند هندن جي هٿان شڪار ٿيل مسلمانن جو نظارو ڪرڻ کان پاسو ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.