نواز شريف تي رحم اچي ويو يا هن کي اين آر او مليو…؟ واضح ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي نواز شريف جي پرڏيهه روانگي جي معاملي تي نرم موقف رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ترجمانن کي نواز شريف جي پرڏيهه روانگي تي نرم موقف رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:وزيراعظم عمران خان جا ڀارت ۾ پوسٽر لڳي ويا، هيرو قرار

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزير اعظم چيو ته نواز شريف جي صحت يا علاج تي ڪا به سياست نه ڪنداسين، پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته سياست کي انساني صحت کان الڳ رکيو وڃي.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان جا ادارا آزاد آهن قومي احتساب بيورو جي چوڻ تي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، نيب جي سفارش تي ئي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو، اسان ادارن جي آزادي ۽ خومختياري تي يقين رکون ٿا.

وزير اعظم چيو ته آزادي مارچ بابت معاملا ڳالهين واري ڪميٽي ڏسي رهي آهي، ڳالهين دوران سخت بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام اچي چڪو، هاڻ پنهنجي منشور تي مڪمل عملدرآمد ڏانهن وڌي رهيا آهيون.

اجلاس ۾ ڪجهه اڳواڻن وزير اعظم کان پڇيو ته ڇا نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اين آر او آهي؟ جنهن تي وزير اعظم چيو ته اِهو واضح ڪري ڇڏيان ته هي اين آر او بلڪل به ناهي، توهان هر فارم تي اين آر او جي تاثر جي نفي ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ملڪ ۾ عمران خان جو متبادل آهي يا نه…! وفاقي وزير ٻڌائي ڇڏيو

وزير اعظم چيو ته نواز شريف واقعي بيمار آهي هن سان همدردي آهي، نواز شريف جو نالو علاج جي لاءِ اي سي ايل مان ڪڍي رهيا آهيون، اين آر او تڏهن هجي جيڪڏهن هن جي خلاف ڪييسن جي حڪومت پيروي نه ڪري، هن جي خلاف ڪيس موجود رهندا، صحتمند ٿي هن کي ٻيهر منهن ڏيڻو آهي، جڏهن هو صحتمند ٿي ويندو ته سياسي ميدان ۾ وڙهندو.

ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته چونڊ ڌانڌلي تي عدالتي ڪميشن بنايو يا پارليماني اسان تيار آهيون، اسان چار کولڻ جو چيو هو اسان سمورا تڪ کولڻ لاءِ تيار آهيون، مولانا ڪالهه چيو ته هن کي لاش گهرجن، اسان جمهوري ماڻهو آهيون لاش اسان نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.