نيو ڪراچي ۾ ڳوٺاڻن پاران گندگي جي آزار خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
نيو ڪراچي ۾ ڳوٺاڻن پاران گندگي جي آزار خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ نيو ڪراچي ۾ ڳوٺاڻن پاران گندگي جي آزار خلاف احتجاج

 

 

نيو ڪراچي ۾ ڳوٺاڻن پاران گندگي جي آزار خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سياسي ۽ سماجي تنظيمن رمضان بليدي، غلام سرور تنيي، سليم اختر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاسي ڳوٺ کان ايوب ڳوٺ پوليس چوڪي نيو ڪراچي تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حليم عادل شيخ سڄي سنڌ ۾ هيرو ٿيڻ لاءِ پ پ تي تنقيد ڪندو آهي پر افسوس جو سندس تڪ گندگي جو ڍير بڻيل آهي.

هنن چيو ته سندن ڳوٺ جديد دور ۾ به بجلي، گيس ۽ پاڻي توڙي ٻين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود ڪوبه کڙ تيل نه  نڪتو آهي.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڳوٺن مان صفائي جي نظام کي بهتر نه بڻايو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.