قومي ٽيم کان ٻاهر محمد حفيظ هڪ ٻئي مسئلي ۾ ڦاسي پيو…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ڪروڙين رپين جا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جي الزام ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب محمد حفيظ تي 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اثاثا لڪائڻ جو الزام آهي ۽ انهن اثاثن جا تفصيل منظر تي اچڻ کانپوءِ ايف بي آر ڪرڪيٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ايف بي آر آل رائونڊر کان سمورن بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل طلب ڪندي 2014 کان 2018 تائين جي آڊٽ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان ايف بي آر کي ان وقت شڪ ٿيو، جڏهن محمد حفيظ جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ موجود رقم ۽ ايف بي آر کي ظاهر ڪيل رقم ۾ واضح فرق سامهون آيو.

ايف بي آر ذريعن موجب محمد حفيظ 15 ڪروڙن کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر نه ڪيا، جنهن تي نوٽيس جاري ڪري کانئس جواب طلب ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن اڳوڻي ڪپتان ڪنهن به قسم جو نوٽيس ملڻ جي ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته مان باقاعدي سان ٽيڪس ريٽرنز فائنل ڪندو آهيان ۽ ان حوالي سان بي بنياد خبرون پکيڙيون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.