جو مرتضيٰ بلوچ نوٽيس ورتو، ميڊيڪل ٽيم پاران علائقي جو دورو

وامي آواز رپورٽ
ملير: ٽن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو مرتضيٰ بلوچ نوٽيس ورتو، ميڊيڪل ٽيم پاران علائقي جو دورو
وامي آواز رپورٽ ملير: ٽن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو مرتضيٰ بلوچ نوٽيس ورتو، ميڊيڪل ٽيم پاران علائقي جو دورو

 

 

ملير ويجهو ٽن ٻارن جي مختلف بيمارين سبب فوت ٿيڻ جو صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد ميڊيڪل ٽيم متاثر علائقي جو دورو ڪيو.

صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ، ايم پي اي ساجد جوکيو، ضلع ڪائونسل جو چيئرمين سلمان عبدالله مراد، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڪراچي هاشم شاهه ۽ ٻيا عملدار خان محمد خاصخيلي ڳوٺ پهتا.

ان موقعي تي چونڊيل نمائندن ۽ ڊاڪٽرن ڳوٺاڻن کان بيمارين ۽ متاثرن بابت ڄاڻ ورتي.

چونڊيل نمائندن 3 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار هينڊز کي قرار ڏيندي چيڳ ته متاثر ڳوٺن ۾ پکڙيل بيماري بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي صورتحال جي آگاهي ڏني ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.