وزيراعظم عمران خان جا ڀارت ۾ پوسٽر لڳي ويا، هيرو قرار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪرتارپور راهداري کولڻ تي ڀارتي پنجاب ۾ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان پوسٽر ۽ بئنر لڳي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي پنجاب جو وڏو وزير امريندر سنگهه ڪرتارپور راهداري جي معاملي تي اپوزيشن طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان ۽ نوجوت سنگهه سڌو جا پوسٽر ۽ بئنر لڳي ويا آهن، جن ۾ ڪرتارپور راهداري جي معاملي تي ٻنهي شخصيتن کي هيرو قرار ڏنو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهي پوسٽر امرتسر جي ميونسپل ڪائونسلر هرپال سنگهه طرفان لڳرايا ويا آهن، جيڪي نوجوت سنگهه سڌو جو گهڻو ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

ڀارتي ميڊيا پاڪستاني وزيراعظم عمران خان ۽ ڪانگريس اڳواڻ نوجوت سنگهه سڌو جي پوسٽر تي به اهو لکيو ويو آهي ته ڪرتارپور راهداري کي حقيقت بڻائڻ تي اهي ٻئي اسان جا هيرو آهن.

ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڱاري ڏينهن اهي بئنر ڏٺا ويا، جنهن کي فوري طور هٽرايو ويو.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرتارپور راهداري جو باضابطا طور افتتاح 9 نومبر تي سکن جي مذهبي پيشوا بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.