سنڌ حڪومت جو اسٽريٽ ڪرائم ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ سمري ڪورٽ ٺاهڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ سمري ڪورٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي آءِ جي ڪراچي طرفان وڏي وزير کي امن امان جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي.

اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته چپ تعزيو ۽ عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ جلوس نڪرندا، انهن جي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽريم ڪرائم جو سبب منشيات ۽ بيروزگاري به آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هر صورت ۾ اسٽريٽ ڪرائم مان ڇوٽڪارو گهرجي، جيستائين ڏوهارين کي سزا نه ملندي، تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو.

مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ سمري ڪورٽ ٺاهي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.