دم قيمو تيار ڪرڻ جي سولي ترڪيب..!

پاڪستان جا گھڻا کاڌا مصالحيدار هوندا آهن، جن کي کائڻ جو پنهنجو ئي مزو هوندو آهي.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ملڪ ۾ هوٽلن جي ڀيٽ ۾ گھرن ۾ تيار ٿيندڙ روايتي کاڌا گھٽ مصالحيدار هوندا آهن، ڇو ته انهن کي گھر جي سڀني ماڻهن جي پسند کي ذهن ۾ رکي  تيار ڪيو ويندو آهي.

اهڙن ئي مصالحيدار کاڌن مان هڪ دم قيمو به آهي، جنهن کي محنت طلب  سمجهي ڪري گھٽ ماڻهو ئي گھرن ۾ تيار ڪندا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خوراڪ جو عالمي ڏينهن: کاڌي کي زيان ٿيڻ کان بچايو

هتي اسان اوهان کي دم قيمو تيار ڪرڻ جي سولي ترڪيب بيان ڪري رهيا آهيون، ان کي پنهنجي بورچي خاني ۾ ضرور آزمائيندا.

شيون:

 اڌ ڪلو گوشت جو قيمو

ٻه بصر ڪاٽيل

ادرڪ ۽ ٿوم چانهه جو هڪ چمچو

هڪ کان ٻه چانهه جا چمچا مرچ پائوڊر

هيڊ ذائقي موجب ڏهي چانهه جا 3 چمچا

خام پپيتو چانهه جو هڪ چمچو

ٻه ساوا مرچ

ليمي جي رس چانهه جا ٻه چمچا

ڪوئلي جو هڪ ننڍو ٽڪرو

لوڻ ذائقي موجب

ڪوپ جو چوٿون حصو کائن جو تيل

لونگ چار کان پنج عدد

تيار ڪرڻ جو طريقو:

بصر، ساوا مرچ ۽ تيل کان سواءِ قيمي ۾ سمورا مصالحا وجهي ڍڪي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ فرج ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ هڪ ڌار ٿانو ۾ تيل کي گرم ڪري ان ۾ بصرن کي هلڪو سونهري رنگ اچڻ تائين پچايو ان کان پوءِ قيمو ان ۾ شامل ڪري ڪجهه منٽن تائين تيز باهه تي پچڻ ڏيو.

ڪوئلي تي هڪ پني چاڙهيو جنهن تي هڪ چمچو کائڻ جو تيل لڳايل هجي ۽ پوءِ ان کي ٿانو ۾ وجهي ڇڏيو، پوءِ کي ڍڪ سان بند ڪري 20 کان 30 منٽن تائين هلڪي باهه تي دم ڏيڻ جي طريقيڪار  موجب پچايو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مڇي پچائڻ جي سولي ترڪيب…!

پوءِ ڪوئلو ڪڍي ڪري ان ۾ ساوا مرچ شامل ڪيو ۽ پوءِ ڍڪ سان ٿانو کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هلڪي باهه ۾ ان وقت تائين پچايو جيستائين اهو تيار نه ٿي وڃي.

ساوا ڌاڻا، ڦودني، ليمي ۽ ڪاٽيل بصرن سان ان کي سجايو ۽ نان يا پراٺي سان پيش ڪيو.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.