مراد علي شاهه جو بچاءُ ٿي ويو…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف ڪارروائي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب جي ميمبر الطاف قريشي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڪميشن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف ڪارروائي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن اها درخواست تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي عدم پيروي تي خارج ڪري ڇڏي.

سيد مراد علي شاهه تي اين اي 205 گهوٽڪي جي چونڊن چونڊ ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو الزام هو ۽ حليم عادل شيخ صوبائي وزير سعيد غني سميت ٻين خلاف به ڪارروائي جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.