”سنڌ جي وسيلن تي قبضو نامنظور“ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو بدين جي رستن تي مارچ

بدين/گولاڙچي/ڪڍڻ (نمائندن وٽان) عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو، وسيلا بچايو عوامي سجاڳي مارچ ٽئين ڏينهن ضلعي بدين ۾ داخل ٿي ويو. عوامي سجاڳي مارچ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هو. ريلين ۾ ڪارڪنن مطالبن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي، سنڌ دشمن رٿائن خلاف سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، سنڌو درياهه تي ڊيم، ڪينال ۽ سنڌ بئراج ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي ۽ ڌارين جي آبادڪاري، نيشنل ڪوسٽل ڊولپيمنٽ اٿارٽي، انتهاپسندي، معصوم نياڻين جي قتلن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان سجاڳي مارچ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي مختلف شهرن، اسٽاپن ۽ ڳوٺن کان ٿيندي کور واهه کان بدين ضلعي ۾ داخل ٿيو. کورواهه، ڪڙيو گهنور، راهوڪي، گولاڙچي، بدين شهر، سيراڻي، ڪڍڻ، نندو سميت ٻين ننڍن وڏن اسٽاپن ۽ ڳوٺن ۾ ڌرڻا هڻي ميڙاڪا ڪيا ويا، ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌي ماڻهن پنهنجي جان جا نظرانا ڏيئي ڌرتي ماءُ سنڌ وطن جي حفاظت ڪئي آهي. هن چيو ته اسيمبلين ۾ ويٺلن ٻٽو نظام مڙهي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي ته ان سازش کي عوامي اسيمبلين ميدان ۾ اچي چونڊيل نمائندن جي گهرن تي توا ٽنگي رد ڪري ڇڏيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي نمائندن کي ووٽ ڏيئي حڪمران بڻايو موٽ ۾ پيپلز پارٽي حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن کي ڪاري سائي، پيئڻ لاءِ گٽرن جو پاڻي، تعليم جي تباهي ۽ ڪرپشن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جا حڪمران سنڌ جي وسيلن کي مالِ غنيمت سمجهي ڦري ۽ لٽي رهيا آهن. زرداري جهڙي ڪرپٽ ماڻهو کي سنڌ مٿان مڙهيو ويو آهي جيئن عمران خان کي وفاق مٿان مڙهيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد کي ڏيئي ڇڏيون آهن. تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جو قتل سنڌ جي نياڻين کي تعليم کان پري ڪرڻ جي سازش آهي. نور احمد ڪاتيار، ڪامران لاکو، مهراڻ درس، سومار هاليپوٽو،  خليل درس، شاعر اسماعيل اداسي، سڀاني ڏاهري،  عمراه سمون، منان شيخ، اياز کوسو، جاکرو نوحاني، محمد علي ٽالپر، مرتضى جمالي، غلام علي زنئور، علي محمد وڪو، ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.