عرب ملڪن ڪشميرين جو ساٿ ناهي ڏنو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان چيو آهي ته چين، ترڪي ۽ ايران اسان جي حمايت ڪري رهيا آهن پر عرب ملڪن ۽ مغرب جون وڏيون طاقتون ڪشميرن ۽ پاڪستانين جو ساٿ ناهي ڏنو.

اسلام آباد ۾ ڪشمير يڪجهتي يوم ڪنونشن کي خطاب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جو چوڻ هو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي، اميت شاهه، راج ناٿ سنگهه ۽ آر ايس ايس ۽ انهن جي انتهاپسند اڳواڻن کي اِهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان سمجهو ٿا ته اهڙي طرح ڪشمير تي حملا ڪندام انهن کي گهرن ۾ محصور ڪندا، هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪندا ته ڇا ڪشميري توهان کي معاف ڪري ڇڏيندا يا يا بيان ڏيندو ته پاڪستاني ۽ آزاد ڪشميري ڊڄي ويندا ته منهنجو اِهو پيغام آهي ته والاريل ڪشمي ۾ جيڪا توهان 9 لک فوج موڪلي آهي اِهو توهان جي فوج جو قبرستان بڻجندو.

ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جو عزم اهي ته جڏهن اسان جو جواب حملو ٿيندو، جيڪو ٿيڻ وارو آهي، تو توهان پنهنجي ورديون ۽ گوڏون هتي والاريل ڪشمير ۾ ڇڏي واپس هندستان هليا ويندئو.

سردار مسعود خان چيو ته اسان آزاد ڪشمير جي ڳالهه نه ڪنداسين، هي علائقو اسان آزاد ڪيو هو جڏهن ته گلگت بلتستان جو علائقو اُتي جي ماڻهن آزاد ڪرايو هو اِهو ڀارت جو علائقو ڪيئن ٿي ويو، اسان پنهنجو رت ڏئي اِهو خطو آزاد ڪرايو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ڀارت جي انتهاپسند پارٽين کي پيغام ڏنو ته جيڪا باهه توهان ڀڙڪائي رهيا آهيو، ان ۾ پاڻ به سڙي خاڪ ٿي ويندئو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.