مشتاق سکيرا ٻيهر بحال ٿي ويو….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق سکيرا کي بحال ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مشتاق سکيرا جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت مشتاق سکيرا جي برطرفي جو سرڪاري حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس وفاقي ٽيڪس محتسب جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو.

حڪومت 13 جون تي مشتاق سکيرا جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ان کي برطرف ڪري ڇڏيو هو. مشتاق سکيرا برطرفي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.

مشتاق احمد سکيرا 2017ع کان وفاقي ٽيڪس محتسب مقرر هو. هو ان کان پهرين آءِ جي پنجاب به رهي چڪو آهي. 3 ٽن عشرن تائين پنجاب پوليس ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ اپريل 2017ع ۾ ريٽائرڊ  ٿي ويو هو. ريٽائرمنٽ کان پوءِ ساڳي سال مسلم ليگ ن جي حڪومت کيس وفاقي ٽيڪس محتسب مقرر ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.