والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري، نظام ڊانواڊول

 

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض انتظاميا طرفان لاڳو ڪيل ڪرفيو کي 41 ڏينهن گذري ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي حڪومت جي ظلمن خلاف سري نگر، بارا مولا، بانڊي پورا، ڪپواڙا، پلواما ۽ شوپيان سميت ٻين علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

41 ڏينهن کان ڪرفيو ۽ پابندين سبب والاريل ماٿري ۾ زندگي جو نظام مفلوج آهي، تعليمي ادارا، دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته روڊن تان ٽريفڪ پڻ معطل آهي.

رپورٽن موجب انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ لينڊ لائن سروس به اڃا تائين بند آهي، ان سان گڏوگڏ حريت اڳواڻن سميت 11 هزار ڪشميري گرفتار آهن.

ڪشمير چيمبر آف ڪامرس انڊسٽريز موجب والاريل وادي ۾ لاڪ ڊائون سان هر ڏينهن 100 کان 120 ڪروڙ رپين تائين نقصان ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.