نواب شاهه(ويب ڊيسڪ) ننهن سان ناجائز لاڳاپا ظاهر ٿيڻ تي سهري پنهنجي ٻن پوٽن ۽ ننهن کي ذبح ڪري ڇڏيو.
بي سيڪشن پوليس اسٽيشن موجب ريلوي گودامن جي ڀرسان ڪانڊيرين مان ٻن ٻارن چنده ۽ ڳليو جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ ٿيا جڏهن ته ٻارن جي ماءُ به زخمي حالت ۾ ملي جنهن جو ڳلو ڪپيل هو ۽ ان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
بعد ۾ ايس ايس پي تنوير حسين تنيي ٻڌايو ته واقعي واري جاءِ کان ڪجهه ئي فاصلي تي ڪانڊيرين ۾ لڪيل هڪ شخص ويرو کي حراست ۾ ورتو ويو جنهن جاچ دوران اقرار ڪيو ته هن جا ننهن جا ناجائز لاڳاپا هئا ۽ اسان ٻنهي کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ٻارن ڏسي ورتو ۽ هنن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته ڀرسان پيل ڇُري سان ٻنهي ٻارن جا ڳلا ڪپي ڇڏيا جنهن تي ٻارن جي ماءُ مزاحمت ڪئي ته ان جو به ڳلو ڪپي ڇڏيو.