وزيراعظم جو مهانگائي گهٽائڻ لاءِ زور…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ماڻهو لاءِ سستو کاڌو يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، حڪومت عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مهانگائي ۾ گهٽتائي بابت قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏن وزيرن سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

چيف سيڪريٽري پنجاب اجلاس ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اٽي، گيهه ۽ دالين سميت 7 ضروري شين جي اگهن جو لاڳيتو جائزو ورتو پيو وڃي، اگهن ۾ واڌ تي ضابطي لاءِ ويب پورٽل به جاري ڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ”وزيراعظم جو قوم سان هڪ ٻيو واعدو“

هن ماني جو اگهه برقرار رکڻ لاءِ نان بائي ايسوسيئيشن جي خدشن بابت به اجلاس کي آگاهي ڏني، جڏهن ته چيف سيڪريٽري خيبر پختونخواهه ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائي تي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غريب عوام تي ڪنهن به قسم جو واڌو بار نه پئي.

هن ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو ته هول سيل منڊين ۾ اگهن جي نگراني لاءِ اثرائتي نظام تي عمل يقيني بڻايو وڃي، هارين کي استحصال کان بچايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته پيداوار جو مناسب نفعو وٽن پهچي.

عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت حقدارن کي راشن فراهم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.