سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا مسئلا ۽ لاڳاپيل ادارن جي نااهلي

حسيب لطيفي

سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا وڌندڙ مسئلا چوٽ چڙهيل آهن، اڄ جي دور ۾ تيل مهانگو به مهانگو ٿي ويو آهي ته سي اين جي جي اگهن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، پر تنهن هوندي به ٽرانسپورٽر سي اين جي جي استعمال کي سستو سمجهن ٿا ۽ پنهنجين گاڏين ۾ هڪ کان وڌيڪ گئس سيلينڊر لڳائي انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن، سيلينڊر استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ اڳ ئي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ايتري نقصان جي باوجود لاڳاپيل ادارن پاران ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي نه ئي ڪا قانونسازي عمل ۾ آئي آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جولاءِ 2016ع ۾ سي اين جي سلينڊر کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان فيصلي جي روشني ۾ بسن، ويگنن، سوزوڪين ۽ ٻين پبلڪ ٽرانسپورٽ وارين گاڏين ۾ گئس سيلينڊر لڳائي گاڏيون هلائڻ ڏوهه تصور ڪيو وڃي ٿو، پر اڃا تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ وارين سوارين ۾ هڪ کان وڌيڪ گئس سيلينڊر لڳل آهن، فيصلي موجب انتظاميا، آئي جي، ڊي آئي جي، ريجنل آف پبلڪ ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پابند ڪيو آهي ته هنن گاڏين کي سي اين جي سليندر استعمال کان روڪيو وڃي ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي به پابند ڪيو وڃي ته هنن گاڏين ۾ سي اين جي فلنگ نه ڪئي وڃي ۽ گڏوگڏ گاڏين کي واپس پيٽرول تي آندو وڃي، پر ان فيصلي تي روايت جيان ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي، هتي حالت اها ٿيندي ڏٺي وڃي ٿي ته شهر ۾ اهلڪار موٽرسائيڪل سوارن مان خرچي ڪڍڻ جي لاءِ  هيلمينٽ نه پائڻ ۽ لائيسنس نه هجڻ تي چالان ڪري ڇڏيندا آهن يا وري خرچي وٺي ماڻهن کي ڇڏي ڏيندا آهن، پر بسن ۽ ويگنن ۾ لڳل غيرقانوني گئس سلينڊر جي روڪ ٿام لاءِ ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي.

انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي تڏهن خيال ايندو آهي جڏهن ڪو وڏو حادثو ٿيندو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪجهه هنڌن تي ڪارروائي نظر ايندي آهي، موٽروي پوليس به متحرڪ ايندي آهي يا وري ميڊيا ۾ خبرون شايع ٿينديون آهن پوءِ ۽ انتظاميا سجاڳ ٿيندي آهي.

گاڏين ۾ لڳل سلينڊر فاٽڻ ڪري ڪيتريون ئي بيگناهه جانيو ضايع ٿيون آهن، جنهن ۾ ڪيترائي گهر اجڙي چڪا آهن، ڪيترن ئي خاندانن مان خوشين جون موڪلاڻيون ٿي ويون آهن، ناڪارا ۽ مدي خارج سلينڊر بسن ۽ ويگنن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، بسن ۾ سلينڊر استعمال ڪرڻ تمام گهڻو خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته بسن ۾ ته ڪا به ايمرجنسي جي صورت سهولت ناهي هوندي جنهن ذريعي مسافرن کي بچائي سگهجي، وڏين گاڏين ۾ لڳل سلينڊر خراب هوندا آهن، جنهن جي ڪا به فٽنس ٽيسٽ ناهي ٿيندي.

هڪ طرف بسن ۽ ويگنن ۾ غير معياري مدي خارج گئس سيلينڊر لڳايا وڃن ٿا ته ٻئي طرف گاڏين کي اور لوڊ ڪيو ويندو آهي ۽ گهڻو سامان مٿان رکي گاڏين کي ڊوڙايو ويندو آهي، اور لوڊنگ جي نتيجي ۾ پڻ ڪيترائي حادثا ٿيندا آهن، اور لوڊنگ جي نتيجي ۾ سليڊر پڻ فاٽن ٿا. هڪ اندازي موجب غير قانوني طور ته بسن ۾ 3 کان 6 سلينڊر لڳايا وڃن ٿا، ان جو فائدو پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مالڪن کي رسي ٿو ۽ ان باوجود به هو پنهنجي پسند جو ڪرايو به وصول ڪن ٿا، آڪسيجن وارن سلينڊرن جو ويگنن ۽ بسن ۾ استعمال انتهائي خطرناڪ آهي، پر اهو ڪڌو عمل به ٽرانسپورٽر ڪن ٿا.

پاڪستان ۾ گاڏين جي فٽنيس جا صرف 5 سينٽر آهن، جنهن مان سنڌ ۾ صرف هڪ سينٽر آهي، جيڪو سنڌ ۾ هلندڙ گاڏين لاءِ ڪافي ناهي، هڪ سينٽر ايترن گاڏين جي فٽنيس ڪيئن ٿو ڪري سگهي ۽ نتيجي طور پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هلندڙ گاڏيون بنا فٽنيس جي روڊن تي هلن ٿيون ۽ حادثا پيش اچن ٿا. گئس سيلينڊر جي نتيجي ۾ ٿيندڙ روڊن حادثن ۾ موت جي منهن ۾ ويندڙ انسانن جا لاش به سڃاڻپ جهڙا ناهن هوندا، لاش تمام گھڻا سڙي ويندا آهن، جيڪي سڃاڻپ لائيڪ به نه رهندا آهن، اسان پنهنجي دل تي هٿ رکي سوچيون ته جن کان سندن پيارا ان حالت ۾ جدا ٿي ويندا آهن تن سان ڪهڙي حالت هوندي، ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته جيڪي هنن کان موڪلائي گهران نڪرن ٿا ڇا واپس موٽندا، ڇا هي انهن جو آخري سفر هوندو، سنڌ ۾ ته صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، پر ڪجهه حادثن جا ڪارڻ اسان پاڻ به هوندا آهيون، سي اين جي اسٽيشن تي سلينڊر کي ڪهڙيون شيون نقصان ڏين ٿيون، ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي هدايت نامون لڳل هوندو آهي، جنهن ۾ سگريٽ نه پيئڻ موبائل کي آف رکڻ ۽ گئس سيلنڊر جي چڪاس وغيره بابت هدايتون درج ٿيل هونديون آهن، هاڻي اسان سوچيون ته ڇا اسان انهن تي عمل ڪريون ٿا، جڏهن سي اين جي ڀرايون ٿا اسان موبائل کي بند نه ڪندا آهيون، ڊرائيور کان نٿا پڇون ته گئس سيلنڊر جي چڪاس ڪرايو ٿا يا نه؟

سنڌ ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي اهڙي سختي ڪئي وڃي ته هو پنهنجين گاڏين جي فٽنيس جو خيال رکڻ سان ڊرائيونگ جي قانون ۽ ضابطن جو به خيال رکن ته جيئن اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي، جنهن سان انساني جانيون ضايع ٿينديون رهن. عام طور تي جڏهن اسان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهيون ته سندن اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته اسان جي مجبوري آهي ته اهڙي ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪيون ٿا جنهن ۾ اسان جون زندگيون داءُ تي لڳل هونديون آهن، اسان کي تمام گهڻو ڊپ به ٿئي ٿو، پر مهانگائي جي هن دور ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کانسوءِ سفر جون ٻيو ڪو به ذريعو نظر نٿو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.