ڪشميرين جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين جي سفير يو جينگ چيو آهي ته ڪشميرين جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراني سان پاڪستان ۾ چين جي سفير يو جينگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪشمير سوڌو خطي جي موجودهه صورتحال ۽ ٻن طرفي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير تي پاڪستان ۽ چين جو موقف هڪ جهڙو آهي، ڀارت کي ڪنهن به طور تي خطي جو ٿاڻيدار بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان هلندڙ منصوبن ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ملندي، سي پيڪ خطي جي مستقبل ۽ پاڪ چين دوستي جو مظهر آهي.

چين جي سفير يو جينگ چيو ته پاڪستان اسان جو بي مثال دوست آهي، پاڪستان ۽ چين والاريل ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، ڪشميرين جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، خطي ۾ هر قسم جي جارهيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آڻي  ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.