احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي عمل ڪندا رهنداسين: چيئرمين نيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپٽ عنصرن خلاف احتساب لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي عمل ڪندا رهنداسين.

قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب هر قسم جي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي عمل ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته نيب آگاهي تدارڪ ۽ انفورسمنٽ تي ٻڏل پاليسي اختيار ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاليسي جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن، نيب ٺهڻ کان هن وقت تائين 326 ارب رپيا رڪور ڪيا آهن. 2018ع ۾ نيب 30 ارب رڪور ڪيا، گذريل 19 مهينن ۾ نيب رڪارڊ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

جسٽس ر جاويد اقبال چيو ته نيب عدالتن ۾ 12 سئو 49 بدعنواني جا ڪيس داخل ڪيا، نيب کي ملندڙ شڪايتن جي انگ ۾ واڌ نيب تي اعتماد جو اظهار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.