رپورٽ: نوابشاهه: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ريلي

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: نوابشاهه: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ريلي” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190819Nawabshah-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

نوابشاهه ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي نيب هٿان گرفتاري ۽ کين جيل موڪلڻ ريلي ڪڍي وئي.

پ پ ضلعي شهيد بينطير آباد پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، اڳوڻي ايم پي اي سيد فصيح احمد شاهه، مظفر حسين جمالي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي

ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم عمران خان جي چوڻ تي نيب آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي احتساب جي نالي تي گرفتار ڪري سياسي انتقام وٺي رهي آهي،

هنن چيو ته عمران نيازي کي شرم اچڻ گهرجي جنهن هڪ بيمار عورت کي رات جو ٻارهين وڳي اسپتال مان جيل موڪليو آهي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي

هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڳ ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻي آهي ۽ هن وقت به نيب ۽ نيازي جي ڳٺ جوڙ سبب پ پ قيادت کي سخت انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي………………

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.