رپورٽ: ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز اوجها ڪئمپس ۾ جشن آزادي جي تقريب

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز اوجها ڪئمپس ۾ جشن آزادي جي تقريب
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز اوجها ڪئمپس ۾ جشن آزادي جي تقريب

 

ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي جو اڻٽٽ حصو آهي، جنهن تي ڀارت زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ مظلوم ڪشميرين تي ظلم پيو ڪري

ڊائو يونيورسٽي اوجها ڪيمپس ۾ جشنِ آزادي جي ڏهاڙي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پروفيسر ڪرتار ڊواني، رجسٽرار امانالله عباسي، برگيديئر محمد شعيب، پروفيسر نديم حسن، پروفيسرراشد قدير، پروفيسر نثار احمد راههُ پروفيسر رامله ناز سميت سينيئر فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن وڏي  انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وي سي پروفيسر محمد سعيد قريشي چيو ته ڀارت پنهنجي آئين ۾ موجود آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ان کي ڀارت جو حصوقرار ڏنو آهي جيڪا گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي

سندس چوڻ هو ته  اسان کي هاڻي پنهنجي ڪشميري ڀائرن لاءِ ملي گيتن ۽ ٺهرائن کان ڳتي وڌي وڏو قدم کڻڻو پوندو.

وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ظلم ڪري رهي آهي، قومي سطح تي اسان هن جي ڀرپور مزمت ڪريو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.