جنريٽر چئن سڳن ڀائرن جون حياتون کسي ورتيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لانڍي ۾ ڪمري ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجڻ جي ڪري 4 ڀائر فوت ٿي ويا.

ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ بابر ڪانٽي ڀرسان ڪمري ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجڻ سبب 4 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ، انور، عثمان، عمر ۽ حمزه جي نالن سان ٿي.

پوليس جي شروعاتي جاچ موجب بجلي جي طويل بندش جي ڪري گهروارا جنريٽر هلائي سمهي پيا، موت جنريٽر جي دونهين سبب ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري ٿيا.

ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته وارن دروازو کوليو ته ڪمري ۾ دونهون ڀريل هو ۽ چارئي ڀائر فوت ٿي چڪا هئا.

هن ٻڌايو ته ڪمري مان مليل کاڌي کي فارنزڪ ٽيسٽ جي لاءِ موڪليو ويو آهي جڏهن ته فوت ٿيل چار ئي ڀائر بلوچستان جي ضلعي پشين جا رهواسي هئا جيڪي محنت مزدوري جي لاءِ ڪراچي آيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.