ميرا جو پاسپورٽ ضبط…

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار ميرا جو پاسپورٽ دبئي ۾ اختيارين ضبط ڪري ورتو.

اداڪارا ميرا پنهنجي فلم ”باجي“ جي رليز کانپوءِ هن وقت دبئي ۾ موجود آهي، جتي سندس پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو آهي.

اداڪارا جي مئنيجر حسن موجب ميرا جي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿي ويو هو، جنهن سبب اختيارين سندس پاسپورٽ ضبط ڪري ورتو.

سندس چوڻ هو ته هاڻ ميرا جو نئون پاسپورٽ ٺهي ويو آهي ۽ هوءَ هلندڙ هفتي پاڪستان موٽي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.