سنڌ سدائين سورن ۾

شاھ محمد لغاري

پاڪستان آزاد ته ٿيو پر سنڌ ڄڻ آزاد اڄ به ناهي ٿي سنڌ جي حقن تي سنڌ جي معدنيات, سنڌ جي آمدني تي سدائين ڌاڙا لڳا آهن سنڌ ۾ تيل گيس بجلي پاڻي هوندي به سنڌي انهن سهولتن کان محروم آهن.

سنڌين کي هرطرح سان نظرانداز ڪيو ويو آهي وفاق سنڌين کي مجودو ئي نٿو سمجهي سنڌ جا حق وفاق غضب ڪيون ويٺو آھي 1000 ارب روپيه سالانه صوبو سنڌ وفاق کي ڪمائي ڏيئي ٿو وفاق بدلي ۾ اسان کي 130ارب ڏيئي ٿو باقي اربين روپين جي وفاق ڪرپشن ڪري ٿو پر ڪير به وفاق کي چوڻ وارو ناهي اسان جا ڪجھھ سنڌي به اقتدار جي لالچ ۾ انهن جا چاپلوسي ڪرڻ ۾ پورا آهن چوندا آهن  نه  گهر جو ڪتو جڏهن ڀاڙيو ٿيندو آهي ته فصل به ڀئل ٿيندا آهن.

سنڌين کي وفاقي ملازمتن ۾ برابري جي بنياد تي حصو نٿو ملي پر اسان جا سنڌي سياستدان خاموش آهن ۽ وفاق جا يس مين ٿيا ويٺا آهن وفاق جي انتظام هيٺ 800 کان وڌيڪ ادارا آهن  جن ۾ سڌا ۽ اڻ سڌا روزگار جا موقعا ۽ ذريعا پيدا ٿين ٿا، جن ۾ پڻ سنڌين کي نظرانداز ڪري رڳو پنهنجن کي نوازيو وڃي ٿو آخر سنڌي رڳو نظرانداز ڇو آهن ڇا اسان سنڌي ملڪ پاڪستان جا ناهيون اسان پاڪستان ۾ نٿا رهون سنڌين کي ڇو ٽارگيٽ تي رکيو پيو وڃي سنڌ کي اهڙي انداز سان ذاتي جاگير ڪري هلايو پيو وڃي،

اتي اوهان کي ڪير به سچ چوڻ جي جُرئت نه ڪندو جيئن وڻي تيئن ڪريو، پر خُدارا! ڇا اوهان ڪڏهن عوام جي انتقامن تي سوچيو آهي جنهن انداز سان توهان سنڌ جا معاملا هلايون پيا ڇا جمهوريتن ۾ ائين به ٿيندو آهي اسان فلسطين يا ڪشميرين تي ڪهڙو ماتم ڪيون هتي پاڪستان ۾ سنڌين سان به ڪشميرين فلسطينن جهيڙو حشر ڪيو پيو وڃي بيروزگاري بدآمني مهانگائي ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ڇو آهي سنڌ ۾ جيڪي ادارا آهن اتي سنڌين کي ملازمت ڇو نٿي ملي رڳو سنڌين کي نظرانداز ڇو ڪيو پيو وڃي پوري دنيا ۾ بين الاقوامي ادارن ۾ ملڪي نمائندگي جون ملازمتون آهن اورسيز ايمپلائمينٽ بيورو معرفت ٻين ملڪن پاران گهربل آساميون آهن گڏيل قومن جي ادارن ۾ ملڪي نمائندگي ۽  گڏيل قومن جي مختلف پروجيڪٽز ۽ آپريشنز لاء گهربل افرادي قوت جا موقعا آهن انهن سڀني ادارن مان هر سال لکين ملازم رٽائر ٿين ٿا ۽ انهن کان وڌيڪ نوان ڀرتي ٿين ٿا جن مان سنڌين جي ڀرتي نه هئڻ برابر آهي.

ايترين نوڪرين جون رڳو پگهارون ۽ ٻيون معمول جي مراعتن جو ماهوار ڪاٿو 50 ارب روپيا ٿئي ٿو اهي نوڪريون نه ڏئي هر مهيني سنڌين جا اٽڪل 50 ارب روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا گئس معدنيات بجلي پوري پاڪستان ۾ گھڻو صوبو سنڌ پيدا ڪري ٿو پر سنڌ جي ڪنھن به ڳوٺ کي وفاق جي طرفان گئس بجلي ڇو نٿي ملي پر ساڳيو گئس پنجاب جي هر شهر  ۾ ته ٻري ٿو پر مقامي ماڻھو گئس کان ڇو محروم آھن وفاق سنڌ جي نوڪرين جي ڪوٽا تي به ڌاڙو ھڻي ٻين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏيئي ٿو  وفاق طرفان ساليانه ترقياتي پوروگرامن ۾َصوبي سنڌ جي لاءِ ڪابه ترقياتي اسڪيم نٿي ملي باقي ٻين کي تمام گھڻيون اسڪيمون ملن ٿيون صوبي سنڌ جي ڪوٽا موجب سنڌ جي وفاقي سيڪريٽري سفارتڪار آتاشي قومي رانديگرن ۾َسنڌي ھڪ به شامل.ناھين ريلوي شپنگ ڪارپوريشن پي آئي اي سيول ايويئيشن، آئل ۽ گئس، ڪسٽم ۾َسنڌين کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن  اسين حق گھرون ٿا  ته غدار دھشتگرد آئين قانون جا منڪر جا لقب ڏيئي جبري کنڀي گم ڪري چچريل لاش ملن ٿا جي خاموش رھون ٿا ته بک بد حالي بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا سنڌ جي نوجوان شاگردن جي عالمي تعليمي وظائف سنڌين جي نالي تي ٻين ٻولي ڳالھائيندڙن کي وظيفه ڏنا وڃن ٿا اسان جي شاگردن کي اھو چئي واپس ڪيو وڃي ٿو ته اوھان  جون سرگرميون ملڪ دشمن۽ مشقوق آھن ان ڪري اوھان کي عالمي وظائف ۾َ شامل نٿو ڪري سگھجي جيڪڏهن پاڪستان ۾ انصاف هجي سڀني صوبن کي سندن حق برابر ۽ پورا ڏنا وڃن سڀن انسانن کي مڪمل حق ملن سڀن سان برابر جو انصاف هجي ته پوءِ  سنڌي ، پنجابي ، بلوچ ۽ پٺاڻ سڀ آرام سان رهي سگهن ٿا.

آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ 800 ٻولين وارا ماڻهو رهن ٿا  پر انصاف سڀن جي لاءِ برابر آهي ٻيا ڪيترا ئي وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهن جن ۾ مختلف ٻولين وارا ماڻهون رهن ٿا پر قانون سڀني لاء هڪ آهي ڇا اهو سڀ ڪجھ پاڪستان ۾ نه ٿو ٿي سگهي ڇا اهو سنڌ ۾ نه ٿو ٿي سگهي سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن وفاق چاهي ته ٿي سگهي ٿو پر ائين ڪڏهن نه ٿيڻ ڏيندا سنڌ کي گهٽ سمجهندڙ طاقتور سياستدان سنڌ کي برابر جو حق نه ڏيندا سنڌ سان فلسطين ڪشمير شام  جهڙو حشر ڪيو پيو وڃي پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرپشن ڪرڻ ۾ پهرين نمبر تي پنجاب آهي هونئن ته انهن جي وڏي لانگ لسٽ آهي ته ڪنهن ڪهڙي طرح لانچن ۾ پئسا لڪايا ۽ ڪنهن بيڊ جي هيٺان بريف ڪيسون ڀري رکيون يا گهرن جا پلر ئي ڊالرن جا ٺهرايا ڪنهن ٻاهرين ملڪن ۾ پيسا لڪائي رکيا انهن ڳالهين کي افواهه ۽ الزام چئي رد ڪري رڳو سنڌ ۽ سنڌين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.

سنڌ سان ڪلور ڪندڙ حڪمران سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ سنڌ جي معدنيات تي قبضو ڪندڙ سنڌين کي ڊانوانڊول ڪندڙ حڪمران نيٺ ته خدا جي پڪڙ ۾ ايندا جن ڪرپٽ حڪمرانن اقتدار ۾ اچي پاڻ کي خدا سمجهي غريبن تي ظلم ڪيا انهن جو انجام به انهن جهڙو ٿيندو جن اقتدار جي نشي ۾ غريب عوام سان ناانصافيون ڪيون ظلم ڪيا گهڻو ماضيءَ ۾ وڃي وقت جا فرعون ۽ مصر جي ممين جي جاچڻ جي ضرورت ناهي پر ٿورو آسپاس جي انهن حڪمرانن کي ئي غور سان ڏسو جن عوامي طاقت سان اقتدارن تي قبضو ڪيو اقتدار ۽ اختيارن کي گهر جي ڀاتين تائين محدود رکيو انهن حاڪمن ۽ اُنهن جي پٽن توڙي عورتن سالن جا سال وڏي موجن ۾ عياشين ۾ حڪومتون ڪيون. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪروڙين رپين جا جوتا پائي ڪروڙن رپين جا پرس کڻي به سندن محفلن ۾ آيون. پر اهو به وقت ثابت ڪيو ته انهن جا عبرتناڪ انجام ٿيا ضيا الحق کي ڏسو يا مشرف کي ئي ڏسو عراق جي صدر صدام حسين کي ئي ڏسو يا کڻي ڪرنل قذافي جو مثال وٺو گهڻو پري وڃڻ چاهيو ته هٽلر جو ئي مثال وٺو،

انهن سڀني حاڪمن ڪنهن جي نه ٻُڌي، صرف پنهنجي واٺن جي ٻُڌي، پوءِ انجام اهيو ئي ٿيو، ڪنهن کي ڦاهي ته ڪنهن کي لوندڙي واري گولي ته ڪي جهازن ۾ تباھ ٿيا ڪي بيماري جي بستري تي لوڙين پيا ڪيترن جي جنازي نماز نه ٿي اهو انجام ڪو هڪ فرد نه، پر تاريخون ڪنديون آهن  جيڪي چئن ڏينهن جي اقتدار کي هميشه جو اختيار سمجهي ۽ سنڌين جي آوازن کي ڄٽن جون ڳالهيون چئي نظرانداز ڪن ٿا اهي به سدائين اقتدار ۾ نه رهندا نيٺ ته انهن مٿان به زوال ايندو الله وٽ دير آهي انڌير ناهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.