جرمن ناري 200 مردن کي شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي 24 ورهين جي ڪينسر ريسرچر  فيونا 4 هزار ڪلو ميٽرن جي سائيڪل ريس ۾ 200 مردن ۽ گڏيل طور تي 264 ڄڻن کي شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي.

فيونا ڪولبنگر يورپ ۾ ٿيل ٽرانس ڪانٽينينٽل سائيڪل ريس کڻيندڙ پهرين عورت بڻجي وئي.

ٽرانس ڪانٽينينٽل سائيڪل ريس موجب فيونا ڪولبنگر 10 ڏينهن تائين جاري رهندڙ سائيڪل ريس ۾ سڀ کي پٺ تي ڇڏي نئين تاريخ قائم ڪئي.

اها ريس يورپي ملڪ بلغاريا کان شروع ٿي، جيڪا فرانس ۾ اچي ختم ٿي، جيڪا  گڏيل طور تي 10 ڏينهن تائين جاري رهي، اها ريس بلغاريا کان شروع ٿي ٻين 8 يورپي ملڪن کان ٿيندي فرانس ۾ پچاڻي تي پهتي.

ريس بلغاريا کانپوءِ آسٽريليا، بوسنيا، ڪروشيا، اٽلي، ڪوسووو، سربيا، سلوينيا ۽ سوئٽزرلينڊ کان ٿيندي فرانس ۾ پوري ٿي ۽ ان ريس جو مفاصلو تقريبن 4 هزار ڪلوميٽرن تي ٻڌل هو.

ريس ۾ شامل ڪجهه ماڻهو شارٽ ڪٽ رستا به اختيار ڪندا آهن پر ڪجهه شارٽ ڪٽ اختيار ڪرڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي ڊگھي رستي ڏانهن وٺي ويندا آهن.

ان ريس جو مفاصلو 4 هزار ڪلوميٽرن کان گھٽ ۽ ان کان وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو پر هن ڀيري مقابلو کٽيندڙ عورت ريس کي 4 هزار ڪلو ميٽرن تي ختم ڪيو.

فيونا ڪولبنگر اها ريس کٽيندڙ پهرين عورت آهي ۽  هن هيل تائين ان ريس ۾ سڀ کان وڌيڪ مفاصلو طئي ڪيو آهي.

فيونا ڪولبنگر سميت هن ڀيري ريس ۾ 64 عورتون شامل هيون، جڏهن ته ريس ۾ ٻيا 200 مرد به شامل هئا.

ريس کٽڻ کان پوءِ فيونا ڪولبنگر ٻڌايو ته ريس شروع ڪرڻ کان اڳ مونک ي اهو اندازو هيو ته آئون عورتن کان اڳتي نڪري وينديس پر مون کي ان ڳالهه جو يقين نه هو ته آئون ريس کٽي وينديس، اها ريس 2013ع کان ٿيندي پئي اچي ۽ هاڻ پهريون ڀيرو اها ريس ڪنهن عورت کٽي آهي.

ان ريس کي شروعاتي طور تي لنڊن کان استنبول تائين منعقد ڪيو ويندو هو، اهو سلسلو شروعاتي ٻن ورهين تائين جاري رهيو ۽ پوءِ اها ريس بلغاريا جي راڄڌاني کان ترڪي تائين منعقد ڪئي وئي ۽ اهو سلسلو به 2016ع تائين جاري رهيو.

ان ريس کي 2017ع کان 2018ع وچ ۾ بلغاريا کان شروع ڪري يونان تائين ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ پهريون ڀيرو اها ريس بلغاريا کان فرانس تائين منعقد ڪئي وئي.

ڏهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ان ريس ۾ شامل ماڻهن هڪ کان ٻئي ملڪ تائين پهچڻ لاءِ هڪ ڏينهن جو سفر ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.