درد وندي جو ديس وسي پيو

غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جيڪو مسلسل پنجن ورهين کان ڏُڪارن کي منهن ڏيندو پئي آيو، جنهن سبب گهربل برساتون نه پوڻ ڪري ماروئڙا مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيا هئا، لڳاتار ڏُڪارن بعد نيٺ هن سال بادل ٿرين تي راضي ٿي وسي پيا آهن، ڊگهي عرصي بعد درد وندي جو ديس وسي پيو، ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڪلوئي ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن تي زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو آهي، پيل برساتن بعد ماروئڙن جا چهرا ٻهڪي پيا آهن، وسڪاري بعد تتل ڌرتي جو سينو چيري پلر پلٽي پيو آهي ۽ نيون وهي اچڻ بعد ترايون ٽوڀار پلر سان ڀرجي تار ٿي ويا آهن، انهن ٽوڀن تراين ۾ چئن مهينن جيترو پاڻي جمع ٿي ويو آهي، هن وقت به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي ۽ موسم جهڙالي بڻيل آهي، ٿر جي ڪارونجهر جبل به پنهنجو حُسن ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، برساتن ڪارونجهر کي مهڪائي ڇڏيو آهي، ڪارونجهر جي هنج مان پاڻي جا چشما وهندي نظراچن ٿا، جنهن سبب ڪارونجهر تي ميلا متل آهن.

برساتن بعد هارين اميدون سانڍي ٻنيون پوکڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اڪثر ڪري ٽريڪٽرن ذريعي پوکائي ڪرائي رهيا آهن، ٿر ۾ ڏڪاري حالتن دوران ٿرين ڍور وڪڻي ڇڏيا، جنهن سبب مجبورن هاڻي ٽريڪٽرن ذريعي ٻنيون پوکڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ٽريڪٽرن وارن في کيڙي جو ڪلاڪ 1500 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ٽريڪٽر گهٽ ۽ ٻنيون وڌيڪ هجڻ ڪري گهڻي تعداد ۾ هاري اڄ به ٻنيون پوکڻ جو انتظار ڪندي نظر اچن ٿا، باقي ايڪڙ ٻيڪر ٿري اٺن ۽ گڏهن ذريعي ٻنيون پوکي رهيا آهن، ٻنين ۾ ٻاجهر، گوار، منڱ، ڪورڙ، تر جي فصل سميت ڇانهين، گدرن جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي. پوکائي بعد ٽن ڏينهن اندر فصل ڦُٽندو آهي، اهو فصل هڪ مهيني اندر ليڏاڻ يعني گُڏ ڪڍڻ جي لائق ٿيندو آهي، لڳ ڀڳ هڪ مهيني بعد ٿري ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ اچي وينديون آهن، پر انهيءَ جي لاءِ مهينو انتظار ڪرڻو پوندو، انهيءَ جي وچ ۾ به هڪڙي زوردار برسات جي ضرورت پوندي، ٿر جي فصل کي مڪمل تيار ٿيڻ ۽ مڪمل سُڪار لاءِ وڌيڪ چئن برساتن جي ضرورت اڃان پوندي، جيڪو برساتون پوري ٿر تي گهٽ ۾ گهٽ ويھ ويھ ڏينهن جي وقفي سان 300 سئو ملي ميٽر پون، انهيءَ ڏينهن دوران اهڙيون برساتون پئجي ويون ته ٿر تان ڏُڪار جو خطرو مڪمل طور تي ٽڪري ويندو ۽ فصل تيار ٿي ويندا.

هن وقت ٿر ۾ برساتون پوڻ بعد زمين مان فصل ڦٽڻ شروع ٿي ويو آهي، ساوڪ اُڀري رهي آهي، انهيءَ ڪري ننڍي ڌڻ لاءِ گاهه ٿي ويو آهي، ڏُڪارن دوران سُڪي ٺوٺ ٿي ويل وڻ ٻوٽا به ساوا ٿي ويا آهن، برساتن بعد بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويل ٿري واپس پنهنجن اباڻن اجهن ڏانهن موٽي رهيا آهن، سوين خاندان واپسي اچي رهيا آهن، مالوند مارو ڍور ڪاهي اچي رهيا آهن، جنهن سبب روڊن رستن تي چوپائي مال جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، ٿر واسي انتهائي خوش نظر اچي رهيا آهن، جيڪي وڌيڪ برساتن لاءِ دعائون گهرندي نظر اچن ٿا، ٿر ۾ برساتن جتي ماروئڙن ۾ ساهه وجهي ڇڏيو آهي، اتي جانور توڙي پکي به خوش ۽ مستين ۾ نظر اچن ٿا، مور پکي ڪهياٽون ڪري ٽلي رهيا آهن، جيڪي خوشي وچان کولي راند ڪري موسم کي مدهوش ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

برساتون پوڻ بعد هر سال لکن جي تعداد ۾ سياح ٿر جو رخ ڪندا آهن، جيڪي 10 آگسٽ کان 17 آگسٽ تائين ڪارونجهر گهمڻ ايندا آهن، انهن ڏينهن دوران ٿر ۾ مٺي کان اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين گاڏين جون قطارون لڳل هجن ٿيون، انهن ڏينهن دوران لکين سياحن جي آمد ٿيندي آهي ۽ مٺي، اسلام ڪوٽ ۾ تمام گهڻي رش لڳل هوندي آهي، هوٽلن تي کاڌي پيتي جون شيون به کٽي وينديون آهن، ننگرپارڪر شهر ۾ ايڏي رش هوندي آهي، جو پيئڻ لاءِ پاڻي ملڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، فيملين سان گهمڻ ايندڙ ماڻهو سهولتون نه هجڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندا آهن.

مارئي جي کوهه، ڀوڏيسر مسجد، جين درم مندر، گوڙي مندر سميت ٻين قديمي آثارن تي سياحن جي تمام گهڻي رش لڳل هوندي آهي، پر اتي سهولتون نه هجڻ ڪري سياح مايوسي جو اظهار ڪري موٽيندا آهن، ڪارونجهر سميت باقي مختلف تفريحي ماڳن تي سياحن لاءِ حڪومت سهولتون فراهم ڪري ته وڏو فائدو ٿي سگهي ٿو، پر سنڌ حڪومت انهيءَ طرف ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب انگريزن جي دورن جا ٺهيل هزارين سال پراڻا قديمي ماڳ ڀڄي ڀري تباهه ٿي رهيا آهن، هن سال سٺو وسڪارو ٿيڻ ڪري وڏي انگ ۾ سياحن جي آمد جا امڪان موجود آهن ۽ مٿي وري 12 آگسٽ تي عيد هجڻ ڪري هن سال ٽيڻ تي ماڻهو ٿر گهمڻ ايندا،

پر انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سياحت ثقافت کاتي ڪي به بندوبست ناهن ڪيا، حڪومت کي گهرجي ته قديمي ماڳن سميت مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ سياحن لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري ته جيئن ايندڙ سياحن کي تفريحي ماڳن تي ڪا به تڪليف نه پهچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.