[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: هالاڻي: ايل ايڇ وي ورڪرن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي: بشران آرائين” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190801Halani Pkg-08.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
ليڊي ھيلٿ ورڪر پاڪستان جي چيئر پرسن بشران آرائين چيو آهي ته لاڳاتار جدوجھد جي نتجي ۾ ايل ايڇ وي سپر وائيزرن کي پڪو ڪيو ويو آهي.
هالاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بشران آرائين چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڄمار وڏي ٿيڻ ڪري سندن آئيڊيز بند ڪيون ويون آهن جن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
ايل ايڇ وي چيئرپرسن جو چوڻ هو ته مختلف علائقن ۾ اڃا تائين کين پگهارون وقت سر نه پيون ڏنيون وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي
هن گهر ڪئي ته مختلف ضلعن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن سان اين جي اوز وارا ڪم وٺي رهيا آهن جيڪا ملازمن سان زيادتي آهي.
هن گهر ڪئي ته ملازمن کي بروقت پگهار ڏيڻ سان گڏ گهربل سموريون سهولتون فراهم ڪري ايل ايڇ وي ورڪرنر ۾ بيچيني ختم ڪئي وڃي.