ملڪي مفاد لاءِ قوم جو گڏ هجڻ ضروري آهي: شاهه محمود قريشي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته بلاول ڀٽو ٻيهر اقتدار جو خواب نه ڏسي ۽ مولانا پارليامنٽ کان ٻاهر رهندي ئي گذارو ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي بيانن تي رد عمل ڏيندي خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته بلاول ڀٽو ٻيهر اقتدار جو خواب نه ڏسي، عوام چورن کي جيل ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، اپوزيشن 25 جولاءِ تي ڪهڙو تير هنيو، اپوزيشن احتساب کان بچڻ لاءِ انتشار پکيڙي رهي آهي.

هن چيو ته اپوزيشن جماعتن ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي فتويٰ ڏيڻ لاءِ رکيو ويو آهي، مولانا پارليامنٽ کان ٻاهر رهي ڪري ئي گذارو ڪري جڏهن ته پيءَ جي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ تي بلاول ۽ مريم جو گراف ڪري چڪو آهي.

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ جي اندر ڀلي سياسي اختلاف هجڻ پر پاڪستان جي سرحدن، جغرافيا، نظريي ۽ دفاع تي ڪو به اختلاف ناهي ۽ پاڪستان جي  مفاد لاءِ سڄي قوم هڪ آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، جتي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سوڌو ٻين ميمبرن به پنهنجن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ ٿيل  2 حملن ۾ 10 هٿياربند فوج جي شهيد ٿيل اهلڪارن جي شهادت بابت سيڪيورٽي صورتحال تي ايوان کي آگاهه ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته سموري قوم کي هڪ ٿي ڪري چوڻو پوندو ته پاڪستان جي مفاد لاءِ اسان هڪ آهيون، اسان جي اندر سياسي نوعيت جا ڀلي 100 اختلاف هجن پر پاڪستان جي سرحدن، جغرافيا، نظريي ۽ بچاءَ تي ڪو به اختلاف نه آهي.

هن چيو ته جيڪو مظاهرو 26 ۽ 27 فيبروري تي ڀارتي اڳرائي تي ڏٺو انهي مظاهري جي دنيا اميد ڪندي آهي ته پاڪستان اهڙي طرح اڳتي وڌندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته اسان هڪ قوم آهيون، اسان هڪ مقصد آهي، اسان امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا ڇو جو اسان جو امن ۽ استحڪام افغانستان جي امن ۽ استحڪام سان ڳنڍيل آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جي سوال جو جواب ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن هن سموري عمل جو غور سان جائزو وٺون ته اندازو ٿيندو ته آگسٽ 2017ع ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺل هو، ان صورتحال کي سامهون رکندي جنهن واشنگٽن دوري جي ڳالهه ڪئي وئي، ان تي آمريڪي راڄڌاني هڪ ڏکڻ ايشيائي پاليسي جو اعلان ڪيو هو.

سندس چوڻ هو ته جنهن صورتحال ۾ پي ٽي آءِ حڪومت واڳون سنڀاليون ان جو جائزو وٺون ته نظر ايندو ته انهن 11 مهينن ۾ آمريڪي سوچ ۾ تبديلي آئي ۽ جيڪو آمريڪا ۽ ان جا ساٿي سمجهندا هئا ته افغانستان جي جٽا واري امن لاءِ فوجي ذريعا استعمال ڪري مقصد حاصل ڪري سگھنداسين ان ۾ گھڻي تبديلي آئي آهي.

هن چيو ته ان تبديلي جي شروعات سان نئون سفر شروع ٿيو ۽ پوءِ ترتيب سان اڳتي وڌياسين جنهن ۾ ڏکيائيون به هيون ۽ اهو سفر نه ڪالهه سولو هيو ۽ نه ئي سولو آهي، جيڪي ماڻهو فوجي حل جا حامي هئا انهن کي سياسي حل طرف قائل ڪرڻ گھڻو ڏکيو هو پر ان ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملي جنهن کي تسليم ڪرڻ گھرجي.

پرڏيهي وزير چيو ته ان تبديلي کان پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ امن حاصل ڪرڻ جي طور تي اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا هئا ۽ ڪجهه سرحد جي هن پاسي کان اميدون وابسطا ڪيون هيون.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اسان پنهنجي طرفان جيڪي بندوبست ڪيا ان لاءِ هي سمورو ايوان مبارڪ جي حقدار آهي ۽ ان ۾ هر سياسي جماعت جو حصو آهي، جن جي سياسي بصيرت سان نيشنل ايڪشن پلان جنم ورتو ۽ ان کي سامهون رکندي هڪ نئون رخ ۽ رستو اختيار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته آئين ۾ ترميم جي ذريعي ان حصي کي صوبي ۾ ضم ڪيو ويو جيڪو علائقو پرائو سمجهو ويندو هو، اهو ئي نه پر اتي سياسي عمل کي اڳتي وڌائن ۽ سڀني ڏٺو ته اتي پرامن چونڊون ٿيون ۽ هر سياسي جماعت پنهنجي مهم هلائي ۽ اهو سمورو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو، جنهن کي دنيا تسليم ڪيو.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سرحدي علائقي ۾ انفراسٽرڪچر ۾ گھڻو نقصان ٿيو، ماڻهن جا گھر ۽ ڪاروبار برباد ٿيو، جنهن جي معاوضي لاءِ بجيٽ ۾ 162 ارب رپين جي ڳري رقم رکي وئي ته جيئن اتي ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائي سگھجي، ان کان علاوه پاڪستان سرحدي نظام جي بهتري لاءِ ڪنڊيدار تار لڳائڻ جا بندوبست ڪيا ويا.

هن چيو ته اسان اهو چوندا آيا آهيون ته سرحد تي اهڙا پناهگير آهن جتان پاڪستان ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اسان جي فوج پنهنجي علائقن کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهون پنهنجي گھر موٽي رهيا آهن پر سرحد پار اهڙا ماڻهو ويٺا آهن جيڪي هتي اچي ڪري ڪارروائيون ڪندا آهن ۽ هنن جو پنهنجو ايجنڊا آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۾ به اها ڳالهه ڪئي وئي ته سرحد جي ٻئي پاسي خرابي پيدا ڪندڙ آهن پر پاڪستان امن عمل ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته بحالي جو عمل پنهنجو انجام تائين پهچي ۽ ان لاءِ اسان انٽرا افغان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، آمريڪي جي خاص نمائيندي زلمي خليل زاد ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جو ڪردار تعميري ۽ هاڪاري رهيو ۽ امن عمل اڳتي وڌيو آهي.

پر هن چيو ان سڀ جي باوجود خرابي پيدا ڪندڙ آهن جيڪي نٿا چاهين ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آهي ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ بهتري آئي، اسان پاڙيسري ۾ بهتري جي ڪوشش ڪئي، 11 مهينن ۾ 3 ڀيرا ڪابل جو دورو ڪيو ۽ هڪ نئون ميڪانزم تيار ڪيو.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغان صدر کي پاڪستان جي دعوت ڏني وئي جنهن تي هو پاڪستان آيو ۽ غلط فهمين جي خال کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته سڀني سياسي جماعتن ۽ افغانستان جي قيادت جي سڀني گروهن کي گھرايو ويندو آهي ۽ لاهور پراسس جي نالي سان هڪ نئين عمل جي شروعات ڪندا آهيون.

پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان ڳالهين جي ميز تي اچي ويا هئا ۽ وزيراعظم عمران خان جي خواهش تي اتان هاڪاري جواب آيو ته اسان کي دعوت ڏني وئي ته اسان پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهيون، اهو هڪ هاڪاري پهلو آهي جنهن کي تسليم ڪيو ويو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ان معاملي تي هڪ زبان ٿي ڪري ڳالهائڻ گھرجي ۽ اپوزيشن ائين ڪيو آهي، ان معاملي تي بحث لاءِ ڪو به اعتراض ناهي انهن جي نقطا نظر کي ٻڌنداسين ۽ جيڪا ڳالهه غور ڪرڻ جوڳي هوندي ان تي ضرور غور ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.