سنڌ جو تاريخي ورثو فريئر هال بچايو

مختيار راهو

ڪراچي ۾ حيدر منزل جي ڊهڻ واري عمل بعد جنهن خبر ڪراچي جي ساڃاهه وندن کي پريشان ڪيو آهي اِهو آهي فريئر هال کي لاڳو خطرا- خبر آهي ته ڪراچي جي ميئر وسيم اختر گذريل سال اعلان ڪيو هو ته فريئر هال کي هڪ گارڊئين بورڊ کي ڏنو پيو وڃي جنهن جي 18 رڪني ڪميٽي جيڪي ڪراچي جي شهرين تي مشتمل آهي اها فريئر هال واري جڳهه جي نئين سر مرمت ۽ .. آرائش ڪرائيندي. ان ڏس ۾ ڪميٽي ۽ ڪراچي ميونسپل طرفان به دستاويز ٺاهيو ويو آهي. جنهن تحت فريئر هال ۽ پارڪ ان بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي ان بورڊ جي چيئرمين شاهد فيروز جو چوڻ آهي ته هو ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. انهن وٽ کوڙ سارا منصوبا موجود آهن جن تحت هو فريئر هال ۽ ان سان لاڳاپيل پارڪ ۾ مختلف ڪم سرانجام ڏيندا، جنهن ۾ لائبريري جو قيام ۽ پارڪ جي بحالي جو ڪم شامل آهي. جنهن لاءِ انهن کي ڇهه سئو ملين رپين کان هڪ بلين رپين جي ضرورت آهي.

مٿين خام خيالي مان ٻاهر نڪري ڏسجي ته سنڌ ۾ ڪنهن به دولاب ۽ دوکي کي اهڙن ئي سونهري اکرن ۽ سچائي سان پيش ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪو اعتراض نه ڪري سگهي.

اچو ته ان مامري جو جائزو وٺون جيڪي سنڌ جي هڪ انتهائي اهم جي تاريخي عمارت ۽ سنڌ سميت ڪراچي جي عام شهرين جي حقن سان جڙيل آهي.

فريئر هال ۽ سرهينري بارٽل ايڊورڊ فيريئر:

سنڌ جي تاريخ ۾ انتهائي اهم هن هال جي اڏاوت جو ڪم 1863ع جي آگسٽ مهيني ۾ شروع ٿيو ۽ آڪٽوبر 1865ع ۾ ان هال جو افتتاح ٿيو. شروع ۾ ڪراچي ٽائون هال جي ڪم ۽ نالي سان وجود ۾ آيو پر 1884ع ۾ ان هال کي سر بارٽل فريئر جي خدمتن عيوض سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو. جنهن نالي سان اڄ به اِهو ڪراچي ۾ انتهائي شاندار عمارت جي صورت ۾ اوچي ڳاٽ سان موجود آهي.

هي هال پنهنجي شاندار اڏاوت برطانوي آرڪيٽيڪٽ ۽ خوبصورت پارڪ جي صورت ۾ ڪراچي جي انتهائي خوبصورت ۽ تاريخي عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان خوبصورتي جو اندازو اهو ئي لڳائي سگهي ٿو جنهن ان عمارت کي خود پنهنجي اکين سان ڏٺو هجي، سنڌ جي ويجهي تاريخ ۾ انتهائي اهم ۽ معتبر جڳهه والاريندڙ سر بارٿل فريئر سان جڙيل نالي سبب رڳو ڪراچي نه پر پوري سنڌ جي تاريخ جو هڪ انتهائي اهم ورثو آهي.

سر بارٽل فريئر 1850ع ۾ سنڌ جو چيف ڪمشنر مقرر ٿيو هو سندس ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ انگريزن جي قابض حڪمرانن جو حصو هجڻ باوجود چند قابل ۽ سنڌ جي خيرخواهه آفيسرن ۾ ٿئي ٿو جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ قابل فخر مقام حاصل آهي اهڙن آفيسرن انگريزن جي پنهنجي مجبوري يا ڪڏهن ٻي مصلحت تحت سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا جن سنڌ جي جديد سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

بارٽل فيريئر 1851ع ۾ سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ فارسي ٻولي جي جڳهه تي سنڌي ٻولي جو واهپو لازمي قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهڙي طرح فارسي جي بجاءِ سنڌي ٻولي کي اوليت ڏني.

سر بارٽل فيريئر 1853ع ۾ سنڌي ٻولي جي صورتخطي تيار ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙائي جنهن ۾ اٺ مسلمان ۽ اٺ هندو ميمبر هئا جن عربي صورتخطي ۾ ڪجهه تبديلين بعد ان کي سنڌي صورتخطي جي صورت ۾ قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سر فيريئر سنڌي ۾ به کوڙ سارا ڪتاب ڇپرايا. پاڪستان ٺهڻ بعد ڪراچي جا شهري ان هال ۽ پارڪ کي هڪ خوبصورت عمارت وانگر سانڍيو پيا اچن.

2002 کان 2012 تائين هي هال ڪراچي جي شهرين لاءِ بند هو. آمريڪا جي سفارتخاني جي سيڪيورٽي خدشن سبب اِهو هال ۽ پارڪ بند هو. آمريڪي سفارتخاني جي مائي ڪولاچي روڊ تي منتقلي بعد اهو هال عام شهرين لاءِ ٻيهر کوليو ويو.

ان مختصر تعارف مان اِهو واضح آهي ته اهو هال ۽ پارڪ سنڌ جي عظيم تاريخ ۽ تاريخ ساز شخصيتن سان جڙيل آهي. اِهو رڳو ڪو ڪراچي جو ڪو خوبصورت پارڪ نه آهي. سنڌ جي اهڙي تاريخي ثقافتي جاءِ کي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ جيڪا قانوني طورتي ثقافتي ورثي جي درجو رکندي هجي ان لاءِ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن اڳ ۾ ئي هندو جيم خاني جي عمارت ناپا کي ڏني وئي هئي.

فيريئر هال جي هاڻوڪي حيثيت ۽ عوامي ثقافت:

2002ع ۾ سيڪيورٽي سببن ڪري عوام لاءِ بند ڪيل هن پارڪ کي جڏهن ٻيهر کوليو ويو ته ڪراچي جي عوام خوشي جو اظهار ڪيو. هن پارڪ ۾ لڳندڙ پراڻن ڪتابن جي بازار، روزانو گهمڻ ايندڙ ماڻهو، فوٽو گرافي ڪرڻ ايندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن پارڪ کي هڪ مصروف ۽ دلفريب جڳهه ٺاهين ٿا.

ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ نوجوان هتي پنهنجا مختلف ….. گروپ ٺاهي اوهان کي اسٽڊي ڪندي نظر ايندا.

سياسي علم، ادب، فلسفي، شاعري، ڏاهپ ۽ سماجي شعور جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، گروپ هتي هفتيوار پنهنجا اسٽڊي سرڪل بحث مباحثا ۽ گڏجاڻيون رکندا آهن.

 

مختلف وقتن تي، هتي موسيقي جا وڏا پروگرام پڻ ٿيندا رهيا آهن. عورت مارچ جا پروگرام ۽ اهڙا ٻيا ساليانا پروگرام به هتي ٿيندا رهيا آهن. جيڪي شهر جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ آزاد فضا ۽ ترقي پسند جمهوري ماحول کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهن ۽ هي پارڪ ڪراچي جي ٻين پارڪن وانگر مضبوط ۽ وڏين ديوارن ۾ قيد نه آهي  بنا ٽڪيٽ جي ۽ آزاداڻي نموني گڏجڻ جو اهم هنڌ آهي پارڪ سان لڳندڙ ٻنهي طرفن مصروف روڊن کي هڪ ننڍڙي وڪٽورين ڊزائين جي لوهي گرل لڳل آهي.  روڊ سان ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ ويٺل ماڻهو ٻاهران ئي پارڪ جو خوبصورت نظارو ڪندي گذرن ٿا. شهر ۾ مختلف پس منظر ۽ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو هن هال ۽ پارڪ جي هنڌ تي پنهنجو گڏيل اظهار ڪن ٿا ۽ جمهوري عمل جي تشڪيل ڪن ٿا.

اسان وٽ عام ماڻهن جي عوامي ڪلچر کي بچائڻ جي ڪا به اسٽڊي يا ڪو به اهڙو اينٿروپالاجي جو پلان ڪڏهن به فوقيت تي نه رهيو آهي. اِهو ڪير به سمجهڻ لاءِ تڪڙو تيار نه هوندو نه رڳو ان پارڪ جي چوطرف وڏين ديوارن کڻڻ، ٽڪيٽ تي داخلا، جنس يا فيملي جي بنياد تي داخلا يا پاڻمرادو ٿيندڙ اسٽڊي سرڪلز ۽ فوٽو گرافي تي پابندي سان اِهو سڄو عوامي ڪلچر جنهن فريئر هال ۽ ان جي پارڪ کي ڪراچي جي سڃاڻپ ۽ آزاد زندگي بخشي آهي. مڪمل ختم ٿي ويندو ۽ عام ماڻهو پنهنجي جمهوري ۽ بنيادي حقن کان محروم ٿيندو. اهڙو ڪجهه اڪثر ڪري هن رياست ۾ ٿيندو رهيو آهي خود ڪراچي ۾ تيزي سان ٿي رهيو آهي جو ترقي ۽ بحالي جي نالي تي عوامي حقن جي نيلامي، ڊاهه ڊوهه، تباهي ۽ ماڻهن جي وڏي پئماني تي بي دخلي ٿي رهي آهي.

بلڊرز مافيا ۽ رياستي معنيٰ واري ترقي ماڻهن جي روزي روٽي ۽ جيئڻ جي حق، چادر ۽ چارديواري خلاف عمل ڪري رهي آهي جتي دڪاندارن کي بي دخل ڪري گاڏين جي پارڪنگ ۽ حڪمران ايليٽ ڪلاس لاءِ ڪو ايليٽ ۽ صاف سٿرو پڪنڪ پوائنٽ جوڙڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.اها ڳالهه ڪنهن لاءِ ڪهڙي اهميت رکي ٿي ته عبالله شاهه غازي جي مزار جو ڪلفٽن وٽان نظر ايندڙ نظارو جنهن صدين تائين هڪ تاريخي منظر، مظهر کي جوڙيو هو. اهو هاڻ تاريخ جو حصو ٿي ويو ۽ اوهان جون اکيون هاڻ ان مزار کي اهڙي تاريخي منظر کان ڌار محروم ۽ اوپري رخ ۾ ڏسن ٿيون جنهن ۾ اها اڳوڻي پراسرار ڇڪ ۽ ڪشش موجود نه آهي.

تهذيبي ثقافتي ماڳ سان شهري حڪومت جي هٿ چراند، قانون ۽ سياست جو سوال:

اسين مٿي ڏسي آياسين ته فريئر هال سنڌ جو قانوني ۽ عوامي ٻنهي بنيادن تي تهذيبي ثقافتي ماڳ جو درجو رکي ٿو. خود ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ عوامي ڪلچر جي جاءِ آهي ان کي شهري حڪومت طرفان ائين ۾ ڪنهن. ڪميٽي حوالي ڪرڻ صوبائي قانون، ثقافتي بچاءِ جي قانون.Sindh Cultural Heritag (preservation) Act 1994.

جي سنئين سڌي خلاف ورزي ۽ ساڳي وقت تي سنڌ ۾ ٻيو به اهڙو قانون موجود آهي. جنهن تحت عوامي بنيادن جي ڪنهن به ڪم ۾ شفافيت قائم رکبي آهي ۽ اهو کليل نيلامي جي حيثيت ۾ ڪرڻو آهي.

هي فيصلو ايم ڪيو ايم جي تعصب پرست ميئر طرفان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي هڪ ثقافتي ماڳ بابت اهو فيصلو ڪيترو نيڪ نيتي تي ٻڌل هوندو اِهو ان مان سمجهي سگهجي ٿو جڏهن ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ جو متروڪه حصو يا متروڪه سنڌ قرار ڏيندي هجي ان ڪري لازمي آهي ته هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ جا ڪراچي جا اهڙا ماڳ بچائڻ ۽ انهن جي باقي سنڌ جي ٻين تاريخي عمارتن جو تسلسل سمجهڻ ۽ شهرن ۾ پنهنجي ثقافتي، تهذيب جي آثارن، تاريخ جي زندهه يادداشت جي موجودگي سنڌ جي جمهوريت پسند عوام جو ڳانڍاپو ثابت ٿيندو. ان ڪري سنڌ جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادبي تنظيمون، ساڃاهه وند، مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو جيڪي عوامي ڪلچر جي بنياد تي ڳانڍاپو چاهين ٿا تن کي هن ثقافتي ماڳ خلاف ٿيل اهڙي سازش کي ناڪام بنائڻو آهي. ان حوالي سان ڪراچي جي شهرين سنڌي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌ واسين طرفان فرينڊز آف فيريئر هال جي نالي سان هڪ ايڪشن ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا اهڙي فيصلي خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري چڪي آهي تنهن جي حمايت ڪئي وڃي يا هر سياسي پارٽي ۽ سماجي ڌر پنهنجو آزاداڻي نموني سياسي مطالبو رکيو وڃي ته جيئن سنڌ جو هي ثقافتي ورثو بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.