اين اي 205 جي ننڍي چونڊ، حليم عادل شيخ جي اهلڪارن سان منهن ماري، داٻا

گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ پولنگ اسٽيشن ۾ اندر وڃڻ کان روڪڻ تي پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي، ايم پي اي دعا ڀٽو به پولنگ جي موقعي تي پولنگ اسٽيشن ٻاهران بيٺل عورت ووٽرز سان ڳالهائيندي رهي.

پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ايم پي اي دعا ڀٽو اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران به مختلف علائقن جا دورا ڪندا رهيا.

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ ايم پي اي حليم عادل شيخ جروار پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جاري رهڻ باوجود اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس اهلڪارن حليم عادل شيخ کي پولنگ اشٽيشن اندر وڃڻ کان روڪيو ته پي ٽي آءِ ايم پي اي اهلڪارن سان منهن ماري ڪئي ۽ کين ڊاٻا ڏنا

 پولنگ اسٽيشن تي مقرر پوليس اهلڪارن اليڪشن ضابطن تي عمل ڪرائيندي کيس روڪيو پر حليم عادل شيخ ساڻن جهيڙو ڪندو رهيو ته هو لازمي اندر ويندو.

پوليس اهلڪارن  پولنگ اسٽيشن تي مقرر فوجي جوانن کي حليم عادل شيخ جي شڪايت ڪئي، فوجي جوانن حليم عادل شيخ کي پولنگ اسٽيشن  ۾ اندر وڃڻ کان روڪي کيس  واپس موٽائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پولنگ جي موقعي تي غير واسطيدار ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز جي ڀرپاسي ۾ به بيهڻ جي اجازت نه هوندي، کين پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر پري رهڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.