پنجاب ۾ ڏوهه وڌي ويا…

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گذريل 6 مهينن ۾ قتل، اغوا، زيادتي ۽ ڦر جي واقعن وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي، اڌ سال ۾ مختلف واقعن جا 2 لک هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيا.

پنجاب ۾ 6 مهينن ۾ 16 سئو کان وڌيڪ قتل جون وارداتون رپورٽ ٿيون، 2 هزار 35 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي نيت سان زخمي ڪيو ويو.

رپورٽ موجب 6 مهينن ۾ اغوا ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڏٺي وئي، اغوا جون 5 هزار 862 وارداتون رپورٽ ٿيون، ان عرصي دوران زيادتي جا 14 سئو 45 ۽ اجتماعي زيادتي جا 67 واقعا رپورٽ ٿيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ ۽ کسجڻ جون 9 هزار 940 وارداتون رپورٽ ٿيون، جڏهن ته ڦر ۽ چوري جون 6 هزار 700 وارداتون رپورٽ ٿيون.

رپورٽ موجب 6 مهينن ۾ مختلف واقعن جا 2 لک هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيا.

هوڏانهن لاهور ۾ ڏوهن ۾ گھٽتائي ڏٺي وئي آهي، لاهور ۾ ڏوهن جي شرح وڌيڪ گھٽ ٿيڻ جي تصديق عالمي ڪرائم انڊيڪس ڪئي، عالمي ڊيٽا بيس نمبيو جي هاڻوڪي لسٽ ۾ لاهور 213هين نمبر تي اچي ويو.

هلندڙ سال جنوري ۾ لاهور ڏوهن جي شرح جي لحاظ کان 174 هين نمبر تي هو. 6 مهينن ۾ ڪرائم انڊيڪس ۾ لاهور 39 درجا بهتري حاصل ڪئي. ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ٿيل ڇهن مهينن جي رپورٽ ۾ ڪراچي جو 75 هون ۽ اسلام باد جو 257 هون نمبر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.