رپورٽ:ڪنڌڪوٽ: وڌندڙ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: وڌندڙ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: وڌندڙ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

*ڪنڌڪوٽ ميڊيا سينٽر آڏو وڌندڙ بدامني ۽ ڦر ڏوهي وارداتن جي اظافي خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو .

 ڳوٺ مٺو خان گولاٽو جي رهواسين بخشاپور پوليس جي ناجائزين زيادتين ۽ ڦر وارداتن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳوٺاڻن استاد غلام فريد گولاٽو، محمد صديق گولاٽو، محمد ايوب گولاٽو، حاجي مٺو خان گولاٽو جي اڳواني ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  نوجوان شاگرد سليم گولاٽو کان  هٿياربند ڦورن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن شاگري کي زخمي ڪري ڇڏيو

هنن چيو ته پوليس هٿياربندن کي گرفتار ڪيو جن کان ڪلاشنڪوف، ٽوپي رومال هٿ آيو، پر ڳري رشوت وٺڻ بعد جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو

 هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.