رپورٽ: ميرپورماٿيلو/سرحد/اوٻاوڙو: اليڪشن کي سليڪشن طرف ڌڪيو پيو وڃي: بلاول

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ميرپورماٿيلو/سرحد/اوٻاوڙو: اليڪشن کي سليڪشن طرف ڌڪيو پيو وڃي: بلاول” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190714bilawal.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهوٽڪي واري اليڪشن کي سليڪشن جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، عمران خان عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي.

سرحد ، ميرپو ماٿيلو ۽ اوٻاوڙي ۾ خطاب ڪندي پ پ چئيرمين چيو  ته اين اي 205 تي سليڪشن نه ڪرڻ ڏني ويندي .سردار محمد بخش خان مهر شهيد ڀٽو سان وفادار رهيو، پيپلز پارٽي سان وفادار رهيو

هن چيو ته ڪٽ پُتلي چون ٿا ته سليڪشن کپي پر اسان سليڪشن نه پر اليڪشن جي ذريعي ڪاميابي ماڻيندا سون ڪنهن به صورت ۾  ڪٽ پُتلين جي اڳيان سر نه جهڪائيندا سون، اسان پنهنجا حق کسي وٺندا سون.

هن چيو ته سردار محمد بخش خان مهر حقيقي اميدوار آهي، اسان جي اليڪشن مهم جاري آهي انشاالله فتح گهوٽڪي جي عوام جي ٿيندي،

سليڪٽيڊ ڪٽ پُتليون عوام جي حقن تي سودي بازي ڪن ٿيون.

هن چيو ته اسلام آباد توڙي هتان جي ڪٽ پتلين جي هر سازش ناڪام ٿي آهي،اليڪشن 18 جولائي تي ٿئي، يا وري 25 تي ٿئي پر جڏهن به ٿئي انشاء الله ڪاميابي تير جي ٿيندي.

ان موقعي تي پ پ جي اميداور محمد بخش مهر چيو ته مخالفن کي پنهنجي هار نظر اچي پئي، تنهن ڪري اليڪشن جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ هيلا هلائي رهيا آهن،

هن چيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ مير خالد احمد خان لُنڊ سان گڏجي عوام جي خدمت ڪندا سون،…………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.