سوناڪشي سنها خلاف فراڊ جو ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) دبنگ گرل سوناڪشي سنها جي مداحن لاءِ بري خبر آهي ته اداڪارا تي هڪ ڀيرو وري فراڊ جو ڪيس داخل ڪري سندس خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سوناڪشي سنها تي الزام آهي ته کيس ڀارتي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ هڪ شو ۾ پرفارمنس ڪرڻي هئي ۽ هن ان شو ۾ پرفارمنس لاءِ آرگنائيزرز کان 24 لک رپيا به ورتا هئا، پر پئسا وٺڻ باوجود اداڪارا شو ۾ پرفارم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

پئسا وٺڻ باوجود پرفارم نه ڪرڻ جي الزام تحت ئي اداڪارا خلاف ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڪيس داخل ڪري سندس خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سوناڪشي سنها خلاف اترپرديش رياست جي ضلعي مراد آباد ۾ فراڊ جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس اداڪارا جي گهر به وئي، پر اداڪارا پنهنجي رهائشگاهه تي موجود نه هئي.

رپورٽ موجب اتر پرديش پوليس ممبئي پوليس جي مدد سان سوناڪشي سنها جي گهر جو دورو ڪيو، جتي پوليس اداڪارا جي ملازمن جو بيان ريڪارڊ ڪيو ۽ پوليس ڪيئي ڪلاڪن تائين دبنگ اداڪارا انتظار ڪندي رهي.

ڊگهي انتظار ڪرڻ باوجود اداڪارا جي نه اچڻ تي پوليس سوناڪشي سنها جي گهران هلي وئي، پر امڪان آهي ته پوليس هڪ ڀيرو وري اداڪارا جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سندس گهر جو دورو ڪندي.

اداڪارا تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرڻ تي سندس سيڪريٽري ٻڌايو ته اداڪارا تي ڪوڙ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

اداڪارا جي ترجمان جو چوڻ هو ته سوناڪشي سنها پنهنجي 9 سالن جي فني سفر ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي ڌوڪو ناهي ڏنو،  هوءَ جتي به پرفارمنس جو واعدو ڪندي آهي اهو پورو ڪندي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به اهڙو ئي  ڪيس هلندڙ سال فيبروري ۾ سوناڪشي سنها خلاف اترپرديش جي مراد آباد ضلعي ۾ ئي داخل ڪيو ويو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.