افغان صوبي ننگرهار ۾شادي جي تقريب دوران آپگهاتي ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا

ننگرهار ( ويب ڊيسڪ ) افغان صوبي ننگرهار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ شادي جي تقريب ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿي پيا جن مان ڪيترن جي ئي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

صوبائي گورنر عطاءَ الله خوگياني موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن شادي جي تقريب ۾ ماڻهن جي آمد شروع ٿي وئي هئي ان دوران هڪ ٻار پاڻ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.