نمل ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽين جي هَڙ هلي وئي…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي 1995 کان هيل تائين (مطلب 2019) تائين ٽيڪس ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گڏوگڏ عدالت عظميٰ ٻنهي يونيورسٽين جون ٽيڪس بابت نظرثاني درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻنهي يونيورسٽين جي ٽيڪس بابت نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ان دوران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته اسان کي 1995 کان 2001 تائين ڪو ٽيڪس نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو، جڏهن ته 2001 ۾ 1995 کان ٽيڪس ڏيڻ جو چيو ويو.

وڪيل جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن نوٽيفڪيشن نه ڏنو ويو ته ڇا ٽيڪس ڏيڻ جي ذميواري ختم ٿي وئي، گڏوگڏ جسٽس گلزار چيو ته 2001 جي نوٽيفڪيشن کي 1995 جي نوٽيفڪيشن تي ترجيح حاصل آهي، نئين نوٽفڪيشن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي ٻيو ڪجهه نه.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته نمل يونيورسٽي جي وڪيل گذريل ڏينهن دير جي درخواست ڏني، جنهن ۾ سبب ڄاڻايو ويو ته وڪيل ٻاهرين ملڪ آهي پر نظرثاني درخواست ۾ دير نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته اهي درخواستون ميرٽ تي به پوريون نه ٿيون لهن.

سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته سي ڊي اي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻه ڏينهن دير جي درخواست داخل ڪئي، مان گهڻن فيصلن جو حوالو ڏنو آهي، هڪ ڏينهن جي دير سان داخل درخواست به ٻڌڻي جوڳي نٿي ٿي سگهي.

ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته هاءِ ڪورٽ ٻنهي يونيورسٽين کي 1995 کان ٽيڪس ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته علاما اقبال اوپن يونيورسٽي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت عاليا کين رليف ڏئي ڇڏيو هو.

چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس جي نوعيت مختلف آهي، ان ۾ قانون واضح ڪرڻو آهي، جتي قانون واضح ڪرڻو هجي اتي وڌيڪ مدي کي ايتري اهميت ناهي ڏني ويندي، گڏوگڏ جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو ٽيڪس جو معاملو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ٻين کان ٽيڪس وٺجي ۽ توهان کان نه.

سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته 1991 جي نوٽيفڪيشن موجب تعليمي ادارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل هئي پر ان ۾ رڳو سرڪاري يا نيم سرڪاري تعليمي ادارا شامل هئا.

هن ٻڌايو ته 1995 جي جاري نوٽيفڪيشن ۾ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو، نوٽيفڪيشن موجب رڳو فلاحي اداري کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

عدالت ٻنهي يونيورسٽين جون نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ ٻنهي يونيورسٽين کي 1995 کان ٽيڪس ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي ٻنهي ادارن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.